محمد عامر جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ ڪابه درخواست ناهي ڏني: شهريار خان

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته پي سي بي عامر کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ڪابه درخواست ناهي ڏني محمد عامر ڏوهه تي شرمندگي جو اظهار ڪيو ۽  ان کي ان جي سزا به ملي وئي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار خان چيو ته محمد عامر قانوني تقاضائون پوريون ڪري آءِ سي سي ۽ پي سي بي سان تعاون ڪيو آهي ۽ اهن پنهنجي ڏوهه تي شرمندگي جو اظهار به ڪيو آهي شهريار جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ سي سي کي ڪمائي ڏيندڙ چئن ملڪن ۾ شامل آهي ۽ آءِ سي سي جي آمدني وڌي آهي جنهن سبب پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي به فائدو ٿيندو، شهريار خان چيو ته هو 12 فيبروري کي اسلام آباد وڃي رهيو آهي جتي هو ٽيسٽ نيشن جي سفيرن ملاقات ڪندو اميد آهي ته ايندڙ 4 کان 5 سالن ۾ پرڏيهي ٽيمون پاڪستان اچڻ شروع ٿي وينديون ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته نيپال ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيم به پاڪستان اچي کيڏندي ڀارت به پنهنجي ايم او يو مطابق ٻيهر کيڏڻ جو يقين ڏياريو آهي هن چيو ته نيشنل اسٽيڊيم  ۾ پرڏيهي ٽيمن  جي رهائڻ جا انتظام ڪنداسين ۽ ان سلسلي ۾ گورنر سنڏ به سيڪيورٽي جي انتظامن جو يقين ڏياريو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *