زمبولا(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي اَي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي مشتل سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) ڇنڇر تي رنگيري دمبولا انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل 3 چئن ڏينهن واري ميچن جي سيريز ميزبان ٽيم سريلنڪا جي نالي رهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ 3 نومبر جڏهن ته ٽئين ۽ آخي ون ڊي 5 نومبر تي کيڏي ويندي.