حائفه ڪيترن ئي سالن کان فٽنس جا ڪئين سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري چڪي

دبئي (اسپورٽس نيوز) پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب حائفه موسوي جو بحرين سان تعلق آهي، پر هوءَ ڪنهن يورپي ملڪ منتقل ٿيڻ ٿي چاهي، جيئن هو پنهنجي خوابن کي ساڀيان ڏئي سگھي. 32 سالا حائفه تمام ٿلهي هئي، ان مقصد جي لاءِ هن جم وڃڻ شروع ڪيو، هتي فٽنس ٽرينر ۽ باڊي بلڊرن جون تصويرون ڏسي کيس به شوق جاڳيو، گھر وارا اهو سمجي رهيا هئا ته حائفه وزن گھٽ ڪرڻ جم وڃي رهي آهي، پر کين اها خبر نه هئي ته هو ڪنهن ٻئي ڪم ۾ سنجيده آهي، حائفه عرب عورتن جي سماجي پابندين کي منهن پڻ ڏئي رهي آهي. حائفه ڪيترن ئي سالن کان فٽنس جا ڪئين سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري چڪي آهي، سندس چوڻ هو ته عورتن جو باڊي بلڊنگ تي عرب ملڪن ۾ پابندي آهي، باقي دنيا ۾ عورتن جي حوصلا افزائي ٿي ڪئي وڃي، هتي هر قدم ڦوڪي ڦوڪي ۽ سوچي سمجھي کڻڻو ٿو پوي، ان سان گڏ سماجي روين سبب لڪ ڇپ ۽ پريشانيءَ واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهيون. هتي سوين عورتن هي شعبو اپنائي چڪيون ۽ ڪي تيار آهن پر سماجي روڪ تي سڀ ڊنل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *