70 سالن کانپوءِ به پينڊولم جيان ڪم پيا ڪريون، آهيون قومي ادارن جي ساک عوام جي نظرن ۾ تڪراري بڻجي وئي آهي: احسن اقبال

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ساهيوال جو واقعو لڱ ڪانڊاريندڙ آهي جيڪو هر پاڪستاني کي تڪليف ڏني آهي ڪنهن قسم جو دٻاءُ نه هئڻ گهرجي ۽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ حقيقت تي ٻڌل هئڻ گهرجي آبادي وڌڻ جي مقابلي ۾ اسان جي ترقي جي رفتار سست آهي اسان کي هر صورت ترقي جي شرح 6 ک ان 8 سيڪڙو ڪرڻي آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڪوٺايل ڪتابي ميلي ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو احسن اقبال لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي قدم کي فائديمن قرار ڏيندي چيو ته دنيا جي سمورن شعبن ۾ ترقي علم جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي هن چيو ته جنهن نموني نوازشريف کي ڪڍيو ويو آهي انس ان ملڪ ۾ سياسي بحران پيدا ڪيو ويو جيڪڏهن ملڪ کي قانون ۽ عوام جي راءِ مطابق نه هلائينداسين ته اسان هي ملڪ قائداعظم جو پاڪستان نه بڻجندو. هتي حڪومتن کي ٽوڙيون وڃي ٿو اسان کي نظام هلائڻ لاءِ ڌانڌلي واريون چونڊون قبول ڪيون ڇو ته اسان ڏڦيڙ نه پيا چاهيون پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ڪنهن ٻئي مان خطرو نه اهي رپ ان کي پنهنجي نااهلي مان خطرو آهي اڄ عوام جي نظر ۾ قومي ادارن جي ساک تڪراري هوندي هن حڪومت جي هر برائي قومي ادارن تي وڌي وڃي ٿي عوام ۾ وڃان ٿو ته هر شخص قومي ادارن بابت ڳالهائي ٿو چيف جسٽس جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها هن بحران جي آهي جيڪو اسان کي درپيش آهي هن چيو ته پاڪستان انتظامي لحاظ کان مفلوج ٿي چڪو آهي ڪرپشن کي فڪس ڪري سگهجي ٿو پر ملڪ انتظامي لحاظ کان ڪمزور ٿيو ته ان جو ڍانچو خطري ۾ پئجي وڃي ٿو اسان شفاف احتساب جي حمايت ڪريون ٿا اهڙو احتساب جنهن ۾ رڳو اپوزيشن کي نشانو بڻايو وڃي پر بنا فرق احتساب ٿئي موجوده احتساب جو نظام تڪراري ٿي رهيو آهي اسان ملڪ جي سمورن ادارن جو احترام چاهيون ٿا سڀ ماضي جي غلطين مان سبق سکن ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي قومي ادارن جي احترام کي بحال ڪرڻو پوندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *