2013 ۾ دهشتگردي جي نامعلوم واقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير هٽائي سگهجي ٿو ته شهبازشريف ڇو نه: ڊاڪٽر طاهرالقادري

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو آهي ته جنوري 2013 ۾ بلوچستان ۾ دهشتگردن هٿان شهري شهيد ٿيا ته وارثن ۽ زخمين نامعلوم دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ڌرڻو هنيو جنهن تي بلوچستان جي وڏي وزير اسلم رئيساڻي حڪومت کي هٽائي سڄي صوبي ۾ ايمرجنسي لڳائي ويئي هئي بلوچستان ۾ رتوڇاڻ ڪندڙ ڪالعدم تنظيمن جا نامعلوم دهشتگرد هئا پر 17 جون 2014 جي ڏينهن لاهور ۾ رت جي راند کيڏندڙ نه ته ڪالعدم تنظيمن جا نامعلوم ماڻهو هئا ۽ نه ئي پنجاب پوليس ڪائي ڪالعدم تنظيم آهي انصاف جي رستي جو پٿر شهبازشريف عهدي تان ڇو نٿو هٽائي سگهجي شريف ڀائرن بيگناهن کي قتل ڪن ملڪي خزانو لٽن سپريم ڪورٽ کي ڌمڪيون ڏين قومي سلامتي سان کيڏن ۽ ڪوبه کين ڪجهه به نه چوي وڏي ڳالهه آهي هو گذريل ڏينهن عوامي تحريڪ جي سينٽرل ڪور ڪميٽي جي ميمبرن جي اجلاس سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو هن ايم پي سي ۾ شريڪ جماعتن جي قيادت جي شرڪت تي ٿورا مڃيندي چيو ته هي پاڪستان جي تاريخ جي پهرين اي پي سي آهي جيڪا صرف ۽ صرف مظلومن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ويٺي ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جو اعلان ڪيو ۽ اهو به ملڪي تاريخ جو هڪ فخر لائق باب آهي ته سموريون جماعتون پنهنجا سياسي اختلاف پاسي تي رکي مظلومن سان گڏ بيٺيون هن چيو ته ساڍن ٽن سالن کان پوءِ به انصاف ناهي مليو. استعيفا ته پري جي ڳالهه آهي پاڪستان جي تاريخ جي هن خوفناڪ سانحي ۾ ڪنهن جي گرفتاري جو حڪمنامو به جاري ناهي ٿيو قاتل حڪمرانن رتوڇاڻ کان پوءِ جي آءِ ٽي جي نالي تي پنهنجون عدالتون لڳائي ڪلين چٽ ورتيون ۽ ابتو ماڊل ٽائون شهيدن جي وارثن کي رتوڇاڻ جو ذميوار ڄاڻايو هن چيو ته جسٽس باقر نجفي ڪميشن جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ شهبازشريف ۽ رانا ثناءُالله ڪنهن حيثيت ۽ ڪهڙي منهن سان ڪرسي تي چنڀڙيا پيا آهن اجلاس ۾ سياسي جماعتن سان مسلسل رابطا ۽ مشاورت لاءِ هڪ ڪميٽي به جوڙي ويئي جيڪا اي پي سي ۾ شريڪ جماعت جي اڳواڻن کي ماڊل ٽائون سانحي جي عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن کان آگاهه ڪندي ۽ مشاورت ڪندي ڪميٽي خرم نواز گنڊاپور جي سربراهي ۾ قائم ڪئي ويئي آهي جيڪا ٻين سياسي جماعتن سان لاڳاپا ۽ مشاورت بابت عوامي تحريڪ جي سربراهه کي روزانو جي بنياد تي بريف ڪندي اجلاس ۾ تيل جي وڌايل قيمتن جي سخت مذمت ڪندي واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان عام شهري متاثر ٿيندو تيل جون قيمتون وڌائڻ جو اعلان ٿيندي ئي ٽرانسپورٽ جون قيمتون وڌي ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *