2012-13 ۾ تعليم کاتي ۽ مڪاني ادارن ۾ اضافي ڀرتيون ٿيون، ذميوار ڪامورا آهن: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو (اي پي پي) سڌ جي اطلاعات ۽ تعليم کاتن واري سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو آهي ته ڪراچي آپريشن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ڪاميٽي ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيٽر فروغ نسيم کي شامل ڪرڻ سان ڪاميٽي غير جانبدار نه رهي، اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ٽن ججن ۽ هڪ وفاقي گهرو سيڪريٽري سان گڏ ايم ڪيو ايم جو نمائندو خدشا بيان ڪري سگهي. هن چيو ته آپريشن سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي پر ڪاميٽي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪنهن به نمائندي کي شامل نه ڪيو ويو آهي. هن الزام هنيو ته هڪ پاسي نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف اهڙيون ڪاميٽيون ٺاهي نيشنل ايڪشن پلان کي سواليه بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ حليم واري نياز ۾ شرڪت ڪرڻ وقت ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته 2012ع ۽ 2013ع ۾ نه رڳو تعليم کاتي پر مڪاني ادارن جي کاتي ۾ به اضافي ڀرتيون ڪيون ويون جنهن جا ذميوار ڪامورا آهن. ان حوالي سان پيرمظهر الحق کي ذميوار قرار ڏيڻ غلط آهي، ڀرتين جي آرڊرن تي آفيسر صحيحون ڪندا آهن جڏهن ته کاتن جا وزير صرف پاليسيون جوڙيندا آهن. هن چيو ته تعليم کاتي ۾ اضافي ڀرتيون ڪرڻ جي ذميوار 12 آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪندي انهن کي معطل ڪيو ويو ۽ جڏهن کين برطرف ڪرڻ واري ڪاروائي طرف وياسين ته هو عدالت مان اسٽي وٺي آيا. هن چيو ته تعليم کاتي جي بهتر ڪارڪردگي سبب تعليمي معيار ۾ اضافو اچي رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ پهرين درجي کان ڏهين ڪلاس تائين تعليم پرائيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو گذريل سال انگ 39 لک هو جنهن ۾ هن سال تائين 9 لکن جي اضافي سان اهو تعداد 48 لکن تي پهچي ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اهو چوڻ غلط آهي ته اڳوڻو ايم اين اي نبيل گبول پيپلز پارٽي ڇڏي نئين پارٽي ٺاهي رهيو آهي پر هو اهو قدم ايم ڪيو ايم ڇڏڻ کان پوءِ ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ٻئي طرف ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ارباب غلام رحيم گڏجي نئين پارٽي ٺاهڻ جي تياري ڪري رهيا آهن جن کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان مڙني ترقي يافته ملڪن سان آزاد واپار ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو جنهن لاءِ ڏسڻو اهو آهي ته وزيراعظم جي هاڻوڪي آمريڪا واري دوري جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا، آمريڪا جي صدر پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪردار جي تعريف ڪئي آهي ۽ آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن بابت به ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي جنهن سان اسان واپار ۽ ايڪسپورٽ لاءِ ڳالهيون ڪري سگهون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *