گرفتارين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، حڪومت اڳيان نه جهڪنداسين ۽ نه وڪامنداسين: احسن اقبال

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اسان گرفتارين ۽ ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون تنهن ڪري حڪومت اڳيان نه جهڪنداسين ۽ نه وري وڪرو ٿينداسين. نيب راولپنڊيءَ ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته مون کي نارووال اسپورٽس سٽي بابت طلب ڪيو ويو هو،  نارووال اسپورٽس سٽي جي انتظامي منظوري ۽ انتظامي معاملن بابت سوال هئا، نارووال اسپورٽس سٽي ۾ مالي بي ضابطگين بابت ڪو به سوال نه هو، پاڪستان ۾ عالمي معيار جو اسپورٽس سٽي جوڙيو ويو، ڇا اهو گناهه آهي ته پاڪستان ۾ عالمي معيار جو اسپورٽس سٽي قائم ٿي ويو آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ جاچ ٿيڻي آهي ته سڀني جون انڪوائريون بند ڪري بي آر ٽي جي هئڻ گهرجي، بي آر ٽي سبب پشاور کڏن ۾ تبديل ٿي ويو آهي.  هن چيو ته عمران خان جون پاليسيون پرويز مشرف دور کان به بدترين آهن، اهڙا طريقا پرويز مشرف به استعمال نه ڪيا، اسان سڀ گرفتارين لاءِ تيار آهيون، گرفتاري کي تمغو سمجهي سجائينداسين، اسان ملڪ ۾ جمهوريت جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان گرفتارين ۽ ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، عمران خان جي حڪومت اڳيان نه جهڪنداسين ۽ نه وري وڪرو ٿينداسين. سندس چوڻ هو ته اسان عمران خان جي بي ضابطگين کي وائکو ڪرڻ نه ڇڏينداسين، عمران خان پاڪستان جي معيشت تباهه ڪرڻ جي مشن تي آهي. احسن اقبال چيو ته جنهن ملڪ جي ترقي ۾ حصو وڌو اڄ ڏوهاري آهي، جنهن ملڪ لاءِ ڪجهه نه ڪيو اهو حڪمران آهي، اسان کي ملڪ ۾ ترقي جون رٿائون ٺاهڻ جي سزا ملي رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن توانائي جون رٿائون قائم ڪيون ته سزا ڀوڳي رهيو آهي، 12 هزاري ميگا واٽ بجلي منصوبي پاڪستان جو هڪ رڪارڊ آهي. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي معاملي تي مخالف ڌر ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، رهبر ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اجلاس ٿيندو، اسان تڪڙ ۾ آهيون پر حڪومت اسان کان به تڪڙي آهي، حڪومت چئي رهي آهي ته جهيڙو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *