ڪچو شراب وپرائڻ سبب فوتگيون: وڏي وزير نوٽيس ورتو، 2 ڪميٽيون قائم

NNI09-77ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڪچي شراب سبب ٿيل فوتگين جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين مٿين آفيسرن جو تڪڙو اجلاس خميس ڏينهن چيف منسٽر هائوس ڪراچي ۾ سڏايو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ پوليس ۽ ايڪسائيز پوليس جي ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي حوالي سان ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن ڪراچي جي 2 ڊي ايس پيز ،4 ايس ايڇ اوز ۽ ڊائريڪٽر ايڪسائيز ڪراچي سوڌو حيدرآباد جي ڊائريڪٽر ايڪسائيز ۽ 2 ايس ايڇ اوز کي ڪوتاهي ڪرڻ تي فوري طور تي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير ڪچي شراب سبب ٿيل فوتگين جي واقعن جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءَ الله عباسي جي سربراهي ۾ ۽ ڪراچي ۾ فوتگين جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي جيڪا ٽن ڏينهن ۾ معاملن جي جاچ ڪري ۽ ذميدارن جو تعين ڪري رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه چيو ته جاچ ڪاميٽين جي رپورٽ کي ڏسندي واقعن ۾ ملوث قرار ڏنل ذميدارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن ڪچي شراب جي سڀني بٺين، اڏن کي فوري طور تي ڊاهڻ جو به حڪم ڏنو. سيد قائم علي شاهه عام ماڻهن، چونڊيل نمائندن ۽ سياسي ۽ سماجي ورڪرن کي مشورو ڏنو ته هو به پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ اهڙين سرگرمين کان هوشيار رهن ۽ لاڳاپيل عليَ انتظاميه يا گهٽ ۾ گهٽ چيف منسٽر هائوس ۾ قائم ڪمپلين سيل کي آگاهه ڪن ته جئين انهن سماج دشمن عناصر خلاف بروقت ڪارروائي ڪري سگهجي ۽ انساني جانين جي تحفظ کي وڌ ۾ وڌ يقيني بڻائي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *