ڪپل بدران سنيل گروور بالي ووڊ اسٽارز جي ترجيح بڻجي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جا ناليوارا ستارا پنهنجن فلمن جي مشهوري لاءِ ڪاميڊين ڪپل شرما بدران سنيل گروور کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. ڪپل شرما گذريل سال آسٽريليا مان واپسي تي پرواز دوران ساٿي اداڪارسنيل گروور سان ويڙهه ڪئي هئي جنهن بعد احتجاج طور سنيل سميت ڪيترن ئي فنڪارن ”دي ڪپل شرما شو“ کي خدا حافظ چئي ڇڏيو ۽ سندس شو به ڪجهه ئي عرصي ۾ بند ٿي ويو. سنيل گروور ڪپل شرما شو کي خدا حافظ چوڻ بعد پنهنجو لائو ڪاميڊي شو ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي ڪيترائي وڏا اداڪار پنهنجي فلم جي مشهوري لاءِ سنيل گروور کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. سلمان خان پنهنجي فلم ”ٽيوب لائٽ“ جي مشهوري لاءِ ”دي ڪپل شرما شو“ جي سيٽ تي وڃڻ بدران سنيل گروور ۽ علي اصغر سان خصوصي پروگرام ڪيو. ايوارڊز شو ۾ به ڪپل شرما وڏن اداڪارن سان گڏ شو جي ميزباني ڪندو رهيو آهي پر هاڻي تازو ئي ”زي سائن ايوارڊز“ سندس جاءِ تي سنيل گروور شو جي ميزباني ڪندي نظر آيو. هاڻي سلمان خان بعد اڪشي ڪمار به پنهنجي فلم ”پيڊ مين“ جي مشهوري لاءِ سنيل گروور سان گڏ خصوصي شو ڪندو جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنيل گروور مشهور ڪردار ”ڊاڪٽر مشهور گلاٽي“ ۽ ”نڪو ڀائي“ جي روپ ۾ نظر ايندو. اڪشي ڪمار شو جي قسط لاءِ پرومو به شوٽ ڪرائي ورتا آهن جنهن موجب ڄاڻايل شو ڪلر ٽي وي تي 14 جنوري تي ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *