ڪي پي ڪي حڪومت 100 ارب رپين مان به ميٽرو منصوبو نه ٺاهي سگهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت 100 ارب لڳائي به ميٽرو منصوبو ناهي بڻائي سگهي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پنجاب کي ماڊل صوبو بڻايو ۽ روڊن جو ڄار وڇايو. تفصيل موجب پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اسان جي سربراهه نواز شريف ڪنهن کي گار ڏيڻ ناهي سيکاريو، ميان صاحب ملڪ ۾ ترقي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ مٿس هڪ رپئي جي به ڪرپشن جو الزام ثابت ناهي ٿيو. هن چيو ته اڳوڻي وزير اعظم ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، اقتصادي راهداري جو تحفو ڏنو ۽ هو اڄ به عوام جي ووٽ جي جنگ وڙهي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *