ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊڪون چيو آهي ته کيس پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران سڀ کان بهترين مشورو سندس والد ڏنو. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق 29 ورهين جي دپيڪا چيو ته کيس ڪيريئر جي شروعات ۾ پلاسٽڪ سرجري ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ويو جيڪو سڀ کان وڌيڪ سٺو مشورو هو تنهن هوندي به هن اهو مشورو ڏيندڙ جو نالو نه ٻڌايو. واضح رهي ته دپيڪا پڊڪون پنهنجي نئين فلم ”باجي رائو مستاني” ۾ رنوير سنگهه ۽ فلم ”تماشه“ ۾ رنبير ڪپور سان گڏ ايندي.