ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي وڏي وزير سان ملاقات، محرم دوران سيڪيورٽي انتظامن تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪور ڪمانڊر ڪراچي نويد مختار هڪ اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن بابت پيش رفت، صوبي جي گڏيل امن امان جي صورتحال، محرم دوران سيڪيورٽي انتظام ۽ شهر ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن بابت خيالن جي ڏي وٺي ڪئي وئي. ٻنهي وچ ۾ ملاقات اڄ وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿي. ڪور ڪمانڊر ڪراچي نيشنل ايڪشن پلان تحت قائم ڪيل ايپڪس ڪميٽي جو ميمبر به آهي. هن وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ نيشنل ايڪشن پلان جي اجلاس ۽ مجموعي سيڪيورٽي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. سنڌ حڪومت ايپڪس ڪميٽيءَ جا اڃا تائين 16 اجلاس گهرايا آهن جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *