ڪورونا وائرس متاثرن کي چين مان نه ڪڍيو ويندو: وفاقي حڪومت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس چين سميت 15 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي جڏهن ته هن وقت چين ۾ موجود اسان جي پيارن جي حق ۾ اِهو سڀ کان بهتر آهي ته انهن کي اُتان نه ڪڍيو وڃي. اسلام آباد ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان عائشه فاروقي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته عام صحت جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، سڄي دنيا ڪورونا وائرس مان پريش آهي ۽ هي وائرس چين سميت 15 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي، جڏهن ته انهن ملڪن جي جن ماڻهن ۾ ان وارئسجي تصديق ٿي انهن ماضي ۾ چين جو سفر ڪيو آهي. هن چيو ته چين ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 170 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن پر بيجنگ حڪومت وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ خاص قدم به کنيا آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪنهن مريض ۾ هن وقت تائين ڪورونا وارئس جي تصديق ناهي ٿي پر چين ۾ 4 پاڪستاني شاگرد ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته چين ۾ ڪورونا وائرس جو بهترين علاج ٿي سگهي آهي ۽ صحت واري عالمي اداري ڪورونا مان متاثر چين مان شهرين کي واپس نه گهرائڻ جي سفارش ڪئي آهي، جنهن جو سبب اِهو ئي آهي ته چيني حڪومت جيترو بهتر طريقي سان ان وائرس کي ووهان تائين محدود ڪيو آهي جيڪڏهن اسان غير ذميواري جو مظاهرو ڪندي ماڻهن کي ووهان مان ڪڍڻ شروع ڪيو ته اِها وبا سڄي دنيا ۾ جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي ويندي. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته اسان ان معاملي تي چين سان گڏ آهيون ۽ سمجهون ٿا ته وهان جي حڪومت وائرس جي خاتمي لاءِ جيڪي پاليسي بڻائي آهي اُها بهترين آهي ۽ اسان جو اِهو خيال آهي ته هڪ ذميوار حڪومت ۽ پاڙيسري ملڪ هئڻ جي طور تي هي ڏاڍو ضروري آهي ته اسان انهن سان گڏجي هلون ۽ پنهنجون عالمي ذميواريون به پوريون ڪندي ان بيماري جي پکيڙ جو سبب نه بڻجون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *