ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 23 مريض فوت، 7 هزار 6 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

لاهور: (م.ڊ) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتگين جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 23 مريض فوت ٿي ويا آهن. اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو انگ 29 هزار 65 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ايڪٽو ڪيسز جو انگ 57 هزار 935 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ 13 لک 53 هزار 479 ماڻهو ڪورونا سبب متاثر ٿيا. 12 لک 66 هزار 479 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.سرڪاري انگن اکرن موجب ست هزار 678 نوان مريض سامهون آيا. پاڪستان ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 12 اعشاريه 9 رڪارڊ ڪئي وئي. ڪورونا ڪيسز جو سڀني کان وڌيڪ انگ سنڌ ۾ 5 لک 16 هزار 874، پنجاب 4 لک 58 هزار 879، خيبرپختونخواهه هڪ لک 83 هزار 403، بلوچستان ۾ 33 هزار 812 ڪيسز رپورٽ ٿيا. اسلام آباد ۾ هڪ لک 15 هزار 47، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 467 ڪيسز جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 34 هزار 997 ٿي ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *