ڪوئيٽا (اي پي پي) ڪوئيٽا ڊبل روڊ تي ريتي سان ڀريل ٽرڪ هڪ گهر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس مطابق سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات ڪوئيٽا جي مک شاهراهه ڊبل روڊ تي ريتي سان ڀريل ڊمپر ٽرڪ گهر سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ گل شير، فيض محمد، ضياءُ الرحمان، روبينه، صابره، ناديه ۽ زرينه ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. حادثي سبب گهر جي ڇت ڪري پئي ۽ گهر ڀاتي ملبي هيٺان دٻجي ويا. واقعي بعد پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪري ورتو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. حادثي تي بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ڏک جو اظهار ڪيو آهي،