ڪنھن کي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو اختيار ناھي، اي اين پي جو (پي ڊي ايم) جي اتحاد کان ڌار ٿيڻ جو اعلان

پشاور (اين اين آءِ) عوامي نيشنل پارٽي مخالف ڌر پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ کان رستا الڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اتحاد ٽٽي ويو ۽ اي اين پي اڳواڻن پي ڊي ايم جا سمورا عهدا ڇڏي ڏنا. پشاور ۾ اي اين پي جي مرڪزي ڪونسل جو اجلاس مرڪزي سينيئر نائب صدر امير حيدر هوتي جي صدارت هيٺ باچا خان مرڪز ۾ ٿيو جنهن ۾ ميان افتخار، ايمل ولي، شاهي سيد، بلوچستان جي صدر اصغر اچڪزئي، سينيٽر حاجي هدايت شرڪت ڪئي. پي ڊي ايم طرفان اي اين پي کي شوڪاز نوٽيس جي معاملي تي غور ڪيو ويو. عوامي نيشنل پارٽي جي قيادت کان پوءِ شوڪاز جي معاملي تي پي ڊي ايم سان ناراضگي اظهار ڪندي پي ڊي ايم کان عليحدگي جو فيصلو ڪري ورتو. امير حيدر هوتي پريس ڪانفرنس ۾ پي ڊي ايم کان عليحدگي جو باضابطا اعلان ڪندي چيو ته سينيٽ سينيٽ معاملي تي پ پ ۽ ن ليگ جا ٻه اميدوار اچي ويا، پ پ پ اعتراض کنيو پر پي ڊي ايم اعتراض ختم ڪري ڇڏيا، اسان پ پ جي اميدوار کي ووٽ ڏنو، بجاءِ اختلاف ختم ڪرڻ جي اسان کي شوڪاز ڏنو ويو، پي ڊي ايم جيڪڏهن کان سياسي پارٽي بڻجي وئي؟ اي اين پي کي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو اختيار رڳو اسفنديار ولي خان کي آهي، شوڪاز سان اي اين پي جي سياسي ساک کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. امير حيدر چيو ته وضاحت گهربي هئي ته ته پڇي وٺو اسان وضاحت ڏيون ها، ڇا پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ جي وضاحت نٿي بڻجي، ڇا لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ جو اتحاد ٿيو ان تي وضاحت نه ٿيڻ گهرجي، پي ڊي ايم ۾ ٻن پارٽين گڏجي اي اين پي کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ڊي ايم جو طريقو غلط هو ٻه ٽن پارٽين جي ذاتي ايجنڊا برداشت نٿا ڪري سگهون، پي ڊي ايم کي ٻئي پاسي وٺي وڃڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ اسان پي ڊي ايم جو ساٿ نٿا ڏئي سگهون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *