ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت ٻين تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي (اين اين آءِ) احستاب عدالت اڳوڻي  آئي جي سنڌ غلام حيدرجمالي ۽ ٻين جي خلاف ڪرپشن جو فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، سومر تي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي آئي جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ اڳوڻي آئيجي فدا حسين شاهه سميت اٺن  آفيسرن جي خلاف رفرنس جي ٻڌڻِ ٿي ، عدالت آئي جي سنڌ غلام حيدرجمالي ۽ ٻين جي خلاف ڪرپشن جو فرد جرم لاڳو ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري  ورتو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 8  نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. آئي جي سنڌ غلام حيدرجمالي ۽ ٻين تي اختيارن جي  ناجائز استعمال ۽غير قانوني ڀرتين جو الزام آهي جڏهن جوابدارن جي خلاف سپريم ڪورٽ جي   هدايت تي جاچ کان پوءِ رفرنس داخل ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي احٽساب عدالت ۾ سنڌ پوليس جي ٻن آفيسرن  تنوير احمد طاهر ۽ فدا حسين شآهه جي خلاف رفرنس جي ٻڌڻي ٿي جيل پوليس ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ بيان ڏنو ته سيد فدا حسين ۽ تنوير  حسين تي  5 ڪروڙن جي ڪرپشن جو ڪيس آهي، رقم سي اين جي اسٽِشن جي نالي تي جاري ڪئي وئي.  جڏهن ته پوليس کي پيٽرول نه ممليو ۽ چيڪ وٺي هيڊڪانسٽيبل محمد رفيق جا اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، ٻنهي جوابدارن  جي ضمانت سنڌ هائيڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ مان رد ٿي چڪي آهي جوابدارن جي وڪيل عدالت کان مهلت گھري عدالت جي وڪيلن کي مهلت ڏيندي رفرنس جي وڌيڪ شاهدن کي طلب  ڪري ورتو جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻِي 8 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *