ڪرم ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي ڀرسان ڌماڪو، 4 اهلڪار شهيد

ڪرم ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪرم ايجنسي جي ورما گئي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب، ورماگئي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي روڊ ڀرسان پوريل بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب، بارودي سرنگهه جو ان وقت ڌماڪو ٿيو جڏهن ته سڪيورٽي فورسز علائقي ۾ گشت ڪري رهيون هيون. سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *