ڪراچي ۾ گرين لائين منصوبي جو علامتي افتتاح، چڪريون، احسن اقبال سميت 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جيمرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوني وفاقي گهرو وزير احسن اقبال ڪراچي گرين لائن ميٽرو بس منصوبي جوعلامتي افتتاح ڪري ڇڏيو انموقعي تي محمد زبير مفتاح اسماعيل کيئلداس ڪوهستاني، نهال هاسمي، سورٺ ٿيٻو، علي اڪبر گجر ۽ ٻيا موجود هئا. (ن) ليگي ڪارڪن ناظم آباد 7 نمبر گرين لائن ٽريڪ تي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي انتظاميه رستا بند ڪري ڇڏيا ۽ کين اتان داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو ان موقعي تي (ن) ليگ جي ڪارڪنن نعريبازي ڪئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو تهڪراچي گرين لائن جو منصوبو مسلم ليگ (ن) 2016 ۾ شروع ڪيو هو جنهن جو بنياد ڄاڻايل وقت جي وزيراعطم نوازشريف رکيو هي منصوبو ڊسمبر 2018 ۾ مڪمل ٿيڻو هو هن منصوبيجي تعمير ۾ دير ڪئي وئي ڇو ته هي (ن) ليگ جو منصوبو هو ماڻهو ڪراچي ۾ ناقص ٽرانسپورٽ ۾ ڌڪا جهليندا رهيا آهن سوا ٽن سالن ۾ به مڪمل ناهي ٿي سگهيو اسان کي خوشي آهي ته هي حڪومت (ن) ليگ جي منصوبن تي تختيون هڻندي رهي آهي. اڄ اسان سان رياستي تشدد ڪيو ويو سياسي ڪارڪنن تي سيڪيورٽي اداري تشدد ڪيو جنهن ۾ هڪ ڪارڪن زخمي ٿيو مون کي خوشي آهي ته هن افتتاح ۾ اسان جو رت به شامل آهي قانون لاڳو ڪندڙ اداري کان هي حڪومت پوليس وارو ڪم وٺي رهي آهي هن اداري کي سياست لاءِ استعمال ڪيو ويو احسن اقبال چيو ته هي رياست دهشتگردن اڳيان بي وس نطر اچي ٿي. مان پهريان به گوليون کاڌيون آهن جيڪڏهن هاڻي به منهنجو رت ڪراچي جي سرزمين تي ڪريو آهي ته هي منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي مون سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو مذمت جوڳو عمل آهي اسان سنڌ جي ترقي جو جيڪو سفر شروع ڪيو هن حڪومت تباهه ڪري ڇڏيو سکر ملتان موٽر وي ٺاهيو سکر حيدرآباد منصوبو به 2020 ۾ مڪمل ٿي وڃي ها. جيڪڏهن ان تي ڪم نه روڪيو وڃي ها. ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ڪراچي ۾ احسن اقبال ۽ پارٽي ڪارڪنن سان پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران نيازي جي حڪم تي ڪراچي ۾ رينجرز ذريعي احسن اقبال سميت پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو. هن چيو ته پرامن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي لٺبازي، تشدد ۽ بدتميزي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، ان تي احتجاج ڪنداسين. شهباز شريف مطالبو ڪيو ته واقعي جي اعليٰ سطح جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *