ڪراچي ۾ آپريشن اسان جي مطالبي تي شروع ڪيو ويو، ڪجهه مهينن کان آپريشن متحده کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي: فاروق ستار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪمال ملڪ جي مبينا گرفتاري تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن سندن مطالبي تي شروع ڪيو ويو ۽ ڪجهه مهينن کان اهو آپريشن متحده  کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته   رينجرز ڪمال ملڪ کي نارٿ ناظم آباد ۾ سندس گهر مان گرفتار ڪيو پر رينجرز وارا ان جي گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪمال ملڪ کي رينجرز گرفتار ناهي ڪيو ته رينجرز جي وردي ۾ ڪهڙو گروهه آهي، ڇا حڪومت رينجرز جي نامعلوم ماڻهن جي جاچ ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪمال ملڪ جو ڪو ڏوهه آهي ته ان بابت 24 ڪلاڪن اندر ٻڌائڻ گهرجي ۽ اهي گرفتاريون ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، جنهن جا اثر مڪاني چونڊن تي پوندا. فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو  ايم جي وڏي انگ ۾ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيترائي لاپتا آهن ۽ ڪجهه ڪارڪنن جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي. فاروق ستار چيو ته ڪراچي ۾  ايم ڪيو ايم جي هوندي ٻئي ڪنهن کي مڙهڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن ۽ ڪارڪنن توڙي اڳواڻن جي گرفتارين جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته عامر خان، قمر منصور ۽ ڪيف الورا کي  ڪهڙي ريت عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، اهو ڪنهن کان لڪل ناهي. فاروق ستار چيو ته ڪمال ملڪ  مڪاني چونڊن لاءِ نامزدگي فارم ڀرايو آهي، هو جگر جي بيماري ۾ مبتلا آهي جنهن جي صحت بابت کين ڳڻتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *