ڪراچي لاءِ 4 ميگا پروجيڪٽس تي ڪم جلد شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي لاءِ چئن ميگا پروجيڪٽس تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. ڪراچي جي شهرين کي خوشخبري ملندي. ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي اختيار ڏنا ويا آهن ته هو بلدياتي ادارن جي حساب ڪتاب کي چيڪ ڪن ۽ فنڊز جي غلط استعمال ۽ خرد برد تي ڪارروائي ڪن. 23 فيبروري کان ”صاف سرسبز ۽ پرامن سنڌ“ مهم ڪامياب بڻائڻ لاءِ عوام ۽ انهن جا چونڊيل نمائندا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هو جمعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ (ن) ليگ جي ميمبر سيد امير علي شيرازي جي مختصر سوال جو جواب ڏئي رهيو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشنز (ٽي ايم ايز) جي حوالي سان ماضي ۾ تمام گهڻيون شڪايتون ملي رهيون آهن. انهن کي تمام گهڻا فنڊز ڏنا ويا، پر اها خبر نٿي پوي ته ڪٿي خرچ ٿيا ۽ انهن جي علائقن ۾ ڪهڙا ڪم ٿيا. اسان پهرين سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي اهي اختيار ڏنا هئا ته هو ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشنز (ڊي ايم سيز) ۽ ٽي ايم ايز جي فنڊز کي چيڪ ڪن. جيڪڏهن ڪٿي بي ضابطگي نظر اچي ته لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪن ۽ کين برطرف به ڪري سگهن ٿا. هاڻ اسان ڪراچي ۾ به ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي بلدياتي ادارن جو حساب ڪتاب چيڪ ڪرڻ جا اختيار ڏنا آهن. هاڻ انهن آفيسرن جي ذميواري آهي. مون پنهنجا اختيار بيورو ڪريٽس کي منتقل ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن هيٺين سطح تي کين ذميواري سونپي سگهجي. هن چيو ته ڪراچي جي چار ميگا پروجيڪٽس تي جلد ڪم شروع ٿيندو. انهن ۾ شاهراهه فيصل تي مهراڻ انڊر پاس جي تعمير، جناح برج سان قائد آباد تائين 26 ڪلوميٽر جي فلاءِ اوورز، نيشنل هاءِ وي کي سپرهاءِ تائين ملائڻ لاءِ ڊيوئل ڪيريج وي، بس ريپڊ سروس ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن. جناح برج کان قائدآباد تائين فلاءِ اوور ڪيريج جي تعمير اڍائي سالن ۾ مڪمل ٿي ويندي. هن چيو ته صوبي جي سمورن ٽي ايم اوز کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته هو هر سومر تي پنهنجن علائقن جي حوالي سان کليل ڪچهريون منعقد ڪن. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان اهو به فيصلو ڪيو آهي ته ڪي ايم سي، ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن (ڊي ايم سيز) ۽ واٽر بورڊ جي صرف انهن ملازمن کي پهرين اپريل کان پگهارون ملنديون جن جا بئنڪ اڪائونٽس سنڌ بئنڪ ۾ هوندا ۽ جن جي اڪائونٽس جي بائيو ميٽرڪ تصديق ٿيندي. ان کانپوءِ ڪنهن کي پگهار نه ملندي. چاهي ان جي لاءِ ڪو  مظاهرو ڪري يا احتجاج ڪري. هن چيو ته سمورن اسيمبلي ميمبرن، سنڌ جي سمورن سياسي جماعتن کي آئون اپيل ڪريان ٿو ته هو ”صاف، سرسبز ۽ پرامن سنڌ“ مهم کي ”اوون“ ڪن ۽ ان کي ڪامياب بڻائين. اسان نيڪ نيتي سان اها مهم شروع ڪري رهيا آهيون، هر ڪو پنهنجي علائقي کي صاف سٿرو ۽ سرسبز بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته مهم جي شروعات ۾ ڪراچي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ، جڏهن ته پوري صوبي ۾ 6 لک کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويندا ۽ ان کان پوءِ هر مهيني انهي حساب سان ٻوٽا صوبي ۾ لڳايا ويندا. هن چيو ته ان جو ڪريڊٽ حڪومت کي نه ڏنو وڃي بلڪ پاڻ ڪريڊٽ کنيو وڃي. ڪچهريون ڪوٺائين. جيڪي آفيسر کليل ڪهچريون نه ڪوٺائيندا ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *