ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، پاڻي روڊن تي بيھجي ويو، ڇنڇر تائين برسات جي اڳڪٿي، الرٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪجهه ڪلاڪن دوران ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿيڻ سبب روڊ ٻڏي ويا. ڪراچي جي علائقن ملير، گلستان جوهر، گلشن معمار، ڪورنگي، ايئرپورٽ، رفاه عام سوسائٽي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات ٿي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گذريل 3 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ برسات سرجاني ٽائون ۾ 70ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، ان کان سواءِ پي اي ايف فيصل بيس تي 36، گلشن معمار ۾ 3.6 ملي ميٽر، قائد آباد 5.5، يونيورسٽِي روڊ تي 5.2، ناظم آباد ۾ 18 ملي ميٽر ۽ ايئرپورٽ اولڊ ايريا ۾ 14.2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ٻي پاسي ڌاٻيجي، دنبا ڳوٺ ۽ سپر هاءِ وي تي مختلف هنڌن تي ڦڙ ڦڙ ٿي، طارق روڊ  ايم اي جناح روڊ، اورنگي ٽائون ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي به برسات ٿي. برسات کان پوءِ ناگن چورنگي، فور ڪي چورنگي پاڻي هيٺ اچي ويون ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون بند ٿي ويون، ناگن چورنگي جي پل تي ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي ۽ گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون، شهري ٽائر ٽيوب ۾ ويهي روڊ پار ڪرڻ لڳا. شارع فيصل تي به مختلف هنڌن تي پاڻ بيهجي وڃڻ سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿي ۽ آفيس کان گھر ويندڙ شهري پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا. لياقت آباد کان تين هٽي ويندڙ روڊ تي به پاڻ بيهجي ويو آهي، جهانگير روڊ کان گرومندر ويندڙ روڊ ۽ ڪارساز کان شارع فيصل ويندڙ روڊ تي به برسات جو پاڻي جمع، ايف ٽي سي کان ميٽروول ايندڙ روڊ تي ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر آهي، پي آءِ بي کان سينٽرل جيل ويندڙ روڊ تي به برسات جو پاڻي بيهجي ويو آهي، تبت سينٽر کان ريگل چوڪ ۽ تبت چوڪ تي برسات جو پاڻي جمع آهي، پٽيل پاڙا، لسبيلا چوڪ، ڊينسول هال تي پاڻي گڏ ٿيڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي. بجلي جي فراهمي به متاثر برسات سبب بجلي جي فراهمي به متاثر ٿي ۽ ٻه سئو فيڊر بند ٿيڻ سان گلشن اقبال، گلستان جوهر، ملير ۽ نارٿ ڪراچي ۾ بجلي جي فرهمي معطل ٿي وئي، ڪي الڪيٽرڪ جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ بجلي جي بحالي لاءِ ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن.  ٻئي پاسي گھارو ۽ آس پاس جي علائقن ۾ زوردار برسات پوڻ سان گرمي جي شدت ۾ ڪمي اچي وئي ۽ موسم خوشگوار بڻجي وئي جڏهن ته بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو. صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي برساتن جي اڳڪٿي جي حوالي سان الرٽ جاري ڪيو آهي، پڌرائي  موجب سنڌ جي بدين،  ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور ۽ سکر ۾ 25 سيپٽمبر تائين برساتن جي موسميات کاتي پاران ڪيل اڳڪٿي سبب ضلعي انتظاميه الرٽ رهي،

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *