ڪراچي: سنڌ بار ڪائونسل جو سيڪريٽري عرفان علي مهر قتل، پوليس کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان علي مهر کي قتل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو ذريعن موجب عرفان علي مهر جي گاڏي تي فائرنگ جو واقعو گلستان جوهر بلاڪ 13 ۾ پيش آيو، کيس اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.  پوليس ٻڌايو ته عرفان علي مهر تي جوابدارن انڌادنڌ فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا، جڏهن ته وڪيل اڳواڻ نعيم قريشي ايڊووڪيٽ موجب 45 ورهين جو عرفان گلستان جوهر جو رهواسي هو ۽ پنهنجي ٻارڙي کي ڪار ۾ اسڪول ڇڏڻ لاءِ بلاڪ 13 پهتو ته واپسي تي موٽر سائيڪل سوار ٻه جوابدارن کيس نشانو بڻايو. ايس ايس پي ايسٽ قمر رضا جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته واقعي وقت گاڏي ۾ عرفان سان گڏ سندس ڀائٽيو به هو، جيڪو محفوط رهيو، عرفان مهر کي 3 گوليون لڳيون، پوليس کي واقعي واري هنڌان 30 بور پسٽل جا 3 خول لڌا آهن. هوڏانهن واقعي جي سي سي ٽي وي به پوليس کي وصول ٿي وئي آهي، ويڊيو ۾ جوابدارن کي هيلمٽ پاتل ڏسي سگهجي ٿو ۽ اهي گاڏي تي فائرنگ ڪري رهيا آهن.قتل ٿيل ڳڙهي ياسين واسي وڪيل عرفان مهر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته عرفان مهر کي 5 گوليون لڳيون، منهن تي 2، سيني تي 2 ۽ ڇاتي تي هڪ گولي لڳي،  سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جي قتل واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به منظرعام تي اچي ويا، فٽيجز ۾ نظر اچي رهيو آهي ته موٽر سائيڪل هٿياربندن ريڪي بعد وڪيل تي فائرنگ ڪئي، اي آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب منهاس چيو آهي ته سي سي ٽي وي فٽيجز مان لڳي ٿو ته واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، وڪيلن جي مشاورت سان جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، عرفان مهر جي قتل جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا، ايس ايس پي قمر جسڪاڻي چيو آهي ته اِن معاملي کي به ڏٺو ويندو ته ڳڙهي ياسين ۾ مقتول وڪيل سان ڪنهن جي دشمني ته نه هئي، سنڌ بار ڪائونسل ۽ هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن طرفان واقعي جي مذمت، مختلف شهرن ۾ وڪيل برادري عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آھي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *