ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، سياسي پارٽي جي ڪارڪن سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، آءِ جي پوليس چيو آهي ته پوليس جي بهتر ڪارڪردگي سان ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، اسٽريم ڪرائيم جي خاتمي تي ڪم ڪيو پيو وڃي. اورنگي ٽائون ۾ مسجد ڀرسان اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. نادرن باءِ پاس تي فائرنگ جي نيجي ۾ ظهور نالي هڪ ڄڻو مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جو تعلق هڪ سياسي پارٽي سان آهي، جڏهن ته مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پوليس جي بهتر ڪارڪردگي سبب ڪراچي اندر ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته 7 ميهنن دوران شهر جي رڳو هڪ بئنڪ مان ڌاڙو لڳو، اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ هو ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهر مان ڏوهن جو مڪمل خاتمو سندن مقصد آهي، ان لاءِ هو سمورن حساس ادارن جي حمايت ڪن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *