ڪراچي جي مختلف علائقن مان عورت سميت 4 ڄڻن جا لاش هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن مان عورت سميت 4 ڄڻن جا لاش مليا آهن تفصيل مطابق اورنگي ٽائون جي علائقي سيڪٽر 12 ايل بروهي هوٽل ڀرسان هڪ شخص جو لاش مليو آهي پوليس مطابق نوجوان تي تشدد کان پوءِ کيس قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مقتول جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، لاش ايڌي سرد خاني پهچايو ويو آهي سائيٽ بي ٿاڻي جي حد غني چورنگي لک فلپس ڪمپني ويجهو انم ٽريڊ سينٽر فليٽ 302 مان مرد ۽ عورت جو لاش مليو آهي.پوليس مطابق ٻنهي جو موت زهريلي شئي کائڻ سان ٿيو آهي. ڇوڪري جي سڃاڻپ بلال ولد محمد حنيف جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته عورت جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. جاچ کان پوءِ ئي اصل حقيقتون سامهون اينديون منگهوپير ٿاڻي جي حد سلطان آباد قبرستان مان هڪ شخص جو تشدد ٿيل لاش مليو جيڪو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي مقتول جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي موت جو اصل سبب پوسٽ مارٽم کان پوءِ ئي معلوم ٿي سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *