ڪراچي جون حالتون پهريان کان گهڻيون بهتر ٿيون آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي جون حالتون پهريان کان گهڻيون بهتر ٿيون آهن، شهر ۾ ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا تقريبن ختم ٿي چڪا آهن، شهر ۾ سياسي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. بهالپور ۾ پهرين شمسي توانائي جي منصوبي جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ مان بيروزگاري، اونڌاهي ۽ غربت جي خاتمي واري منشور تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ٿيندي رهندي آهي پر سٺي ڪم جي تعريف ٿيڻ گهرجي، شهباز شريف پاران چيني ڪمپني کان 2 ارب ڊالرز جي رعايت حاصل ڪرڻ سندس ڪمال آهي، هر معاملي جو نوٽيس وٺندڙ ٽرانسپرينسي وارا هاڻي ته نظر ئي نٿا اچن. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ 46 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، پهريان ڪو به يقين نه ڪري رهيو هو ته ايتري وڏي سيڙپڪاري ٿيندي پر چيني صدر پاڻ پاڪستان آيو ۽ منصوبن تي صحيحون ڪيون. هن چيو ته ملڪ ۾ منصوبا شروع ته ٿيندا آهن پر چاليهه-چاليهه سالن تائين اهي پورا ناهن ٿيندا ۽ پر مسلم ليگ نون پاران شروع ڪيل منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن، چين جي سهڪار سان شروع ڪيل منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ نگراني ڪميٽيون جوڙيون وينديون. وزيراعظم جو چوڻ هو ته بهاولپور ۾ 100 ميگاواٽ جو شمسي توانائي منصوبو نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا جو وڏو منصوبو آهي، ٻي مرحلي ۾ 900 ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ٿيندي. وزيراعظم ٻڌايو ته بلوچستان اندر 660 ميگاواٽ، آزاد ڪشمير جي شهر ڪروٽ ۾ 740 ۽ ٿر ۾ 2000 جي منصوبن سان گڏ بجلي جي پيداوار لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، جن سان 10 هزار 400 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ ايندي، جنهن سان نه صرف لوڊشيدنگ ختم ٿيندي، پر بجلي جي بچت پڻ ٿيندي. ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته ايل اين جي سان 3 هزار ميگاواٽ بجلي فراهم ڪئي ويندي، نوابشاهه کان گوادر تائين به ايل اين جي پائيپ لائين وڇائي ويندي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي کان لاهور تائين موٽروي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو جلد مڪمل ڪيو ويندو. ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت جي قدمن کانپوءِڪراچي ۾ حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، شهر ۾ ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا تقريبن ختم ٿي چڪا آهن، شهر ۾ سياسي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم جو اهو به چوڻ هو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، سياسي ۽ عسڪري قيادت جي فيصلي سان ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي، دهشتگردي جو خاتمو آڻي قبائلي علائقن کي پاڪ ۽ صاف ڪيو ويو آهي، پاڪ فوج شاباس جي مستحق آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *