ڪراچيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لاش ملڻ جو سلسلو تيز، 5 لاش هٿ، هڪ ڏوهاري مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي نمبر هڪ مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، شهر ۾ اڄ مليل لاشن جو انگ 5 ٿي ويو آهي، ماڙي پور ۾ پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو. ملير ندي مان ٻن ڄڻن جا تشدد ٿيل لاش هٿ آيا، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا. لياري ايڪسپريس هاءِ وي تان به ٻن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، جن کي گوليون لڳل هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، چئني ڄڻن کي گوليون  هڻي قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ڪورنگي نمبر هڪ مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. ٻئي طرف ماڙي پور واري علائقي ۾ پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جوابدار قتل سميت مختلف ڏوهن ۾ گهربل هيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *