ڪارٿڪ آريان ۽ سارا علي خان جا هڪ ٻئي لاءِ محبت ڀريا پيغام

 

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي اڀرندڙ فلمي جوڙي ڪارٿڪ آريان ۽ سارا علي خان فلم “لو آج ڪل 2” جي شوٽنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ  هڪ ٻي لاءِ جذباتي ٿي ويا، ڪارٿڪ آريان سارا کي بهتري اداڪارا ساٿي قرار ڏئي ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب “لو آج ڪل 2” جي هيرو ۽ هيروئن ڪارٿڪ آريان سارا علي خان فلم جي شوٽنگ ۾ لاڳيتو 66 ڏينهن مصروف رهيا ۽ فلم جي شوٽنگ ختم ٿيڻ تي فلمي جوڙي هڪ ٻي لاءِ جذباتي ٿي ويا ۽ سماجي رابطن جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي ٻنهي هڪ ٻي جون تصويرون شيئر ڪندي تعريف هڪ ٻي جي تعريف ڪئي ۽ فلم جي هدايتڪار امتياز علي سان ڪم ڪرڻ کي پنهنجي خوش قسمتي قرار ڏنو.ڪارٿڪ آريان پنهنجي ۽ سارا علي خان جي تصوير مداحن سان شيئر ڪندي سارا علي خان جي تعريف ڪئي ۽ کيس شهزادي قرار ڏيندي لکيو ته ان فلم لاءِ سارا علي خان منهنجي بهترين ساٿي ثابت ٿي آهي، آئون سارا سان ٻيهر به ڪم ڪرڻ پسند ڪندس.ٻئي پاسي فلم “لو آج ڪل 2” جي هيروئن سارا به ڪارٿڪ آريان جو ٿورو مڃيندي پنهنجي انسٽاگرام تي لکيو ته مون سان سٺو پيش اچڻ جي مهرباني، آئون اوهان کي ۽ شوٽنگ دوران گذريل ڏينهن کي گھڻو ياد ڪنديس، ايتري گھڻو ياد ڪنديس جو اوهان ان جو اندازو به نٿا لڳائي سگھو ۽ آئون ان کي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگھان.فلم “ڪيدارناٿ” سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ سارا علي خان ڀارتي هدايتڪار ڪرن جوهر جي چيٽ شو ۾ ڪارٿڪ آريان لاءِ پسنديدگي جو اظهار پڻ ڪري چڪي آهي.واضح رهي ته فلم “فلم لو آج ڪل 2”  کي ايندڙ سال 14 فيبروري تي ويلنٽائنز ڊي جي موقعي تي رليز ڪيو  ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *