ڏکڻ آفريڪا ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

ڪانپور (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ سنسني خيز مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي. روهت شرما جون 150 رنسون به ڀارت کي شڪست کان نه بچائي سگهيون. ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان اي بي ڊي ويليئرز جي شاندار بيٽنگ عيوض ڀارتي ٽيم کي 5 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 تان برتري حاصل ڪري ورتي . ڀارتي ٽيم ڏکڻ آفريڪا جي 304 رنسن جي ڏنل هدف پٺيان لڳندي 50 اوورن ۾ 298 رنسن تي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. ڪانپور جي سرزمين تي آچر ڏينهن کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ پروٽيز جي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو درست ثابت ٿيو . ڊي وليئرز جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 73 بالن تي 6 ڇڪن ۽ 5 ڇوڪن جي مدد سان 104 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. سڄي ٽيم مقرر 50 اوورز ۾ 303 رنسون ٺاهيون. فاف ڊوپليسي 62، هاشم آمله 37 رنسن سان نمايا رهيو. ڀارت طرفان اميت مشرا ۽ اميش ياديو 2 – 2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ ڀارتي ٽيم به شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ روهت شرما 133 بالن تي 150 رنسن جي اننگ کيڏي پر سندس ايڏي وڏي اننگ به سندس ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهي.ڀارت طرفان راهني 60، ڪپتان ڌوني 31 ۽ ڌون 29 رنسن جي اننگ کيڏي. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪگيسو ۽ عمران طاهر 2-2 وڪيٽون ورتيون اي بي ڊي وليئرز کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *