ڏوڪري ۾ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر،2 ڄڻا فوت،هڪ زخمي

ڏوڪري (رپورٽر) ڪالهه صبح جو ڏوڪري لڳ موئن جو دڙو مانڊيون روڊ تي 2 موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ 2 نوجوان ٻلهڙيجي جو رهواسي انصار علي ماڇي ، ڏوڪري جو رهواسي احمد علي سانگهرو فوت ٿي ويا ،جڏهن ته سيد شريف شاهه زخمي ٿي پيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ ڏوڪري اسپتال داخل ڪيو ويو . ٻئي پاسي ٻنهي نوجوانن جا مڙهه تعلقه اسپتال ڏوڪري مان پوسٽ مارٽم کانپوءِ واثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ٻنهي جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *