ڊي جي آءِ ايس پي آر جنرل آصف غفور بدلي، ڪي جي او سي اوڪاڙه مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊي جي آءِ ايس پي آر جنرل آصف غفور کي بدلي ڪي جي او سي اوڪاڙه مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ميجر جنرل آصف غفور کي بدلي ڪري ميجر جنرل بابر افتخار کي ڊي جي آءِ ايس پي آر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميجر جنرل آصف غفور کي جي او سي اوڪاڙه مقرر ڪيو ويو.
واضح رهي ته ميجر جنرل آصف غفور 26 ڊسمبر 2016ع تي ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه جي جاءِ تي ڊي جي آءِ ايس پي آر مقرر ٿيو هو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *