ڊيره بگٽي ۾ ڌماڪو: سينيٽر سرفراز بگٽي جي سئوٽ سميت چار ڄڻا مارجي ويا

ڪوئٽه: (م.ڊ) ڊيره بگٽي جي علائقي سوئي ۾ ڌماڪي سبب سينيٽر سرفراز بگٽي جي سئوٽ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا. سينيٽر سرفراز بگٽي ٻڌايو ته سوئي ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن، بلوچ ري پبلڪن آرمي جا دهشتگرد ڌماڪي ۾ ملوث هئا. هن ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ منهنجي سئوٽ سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا. حڪومت ڳالهين جي نالي تي اسان سان مذاق ڪري رهي آهي. سرفراز بگٽي چيو ته صوبائي حڪومت کان پڇان ٿو ته ڇو اسان کي دهشتگردن جي اڳيان اڇليو وڃي ٿو. ماڻهن جي مدد ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي زخمين کي پبلڪ ويلفيئر اسپتال سوئي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي امن فورس جي رضاڪارن جي شهادت تي دلي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي، امن جي دشمنن هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪارروائي ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *