چين گوادر بندرگاهه ۾ دلچسپي رکي ٿو پر ان کي ڪيٽي بندر تي به ڌيان ڏيڻ گھرجي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي ۽ سنڌ حڪومت چين سان پاڪ چائنا ڪوريڊور تحت توانائي، ترقي ۽ سيڪيورٽي بابت چئن معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته چين گوادر بندرگاهه ۾ دلچسپي رکي ٿو پر ان کي ڪيٽي بندر تي به ڌيان ڏيڻ گھرجي..ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ وڏي وزير قائم علي شاهه، وفاقي وزير احسن اقبال، صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ چيني عملدارن شرڪت ڪئي..تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته 46 ارب ڊالرن جي لاڳت واري اڪنامڪ ڪوريڊور سان ملڪ جي قسمت بدلجي ويندي، پر ان رٿا ۾ اهم شين کي شامل ڪرڻ تمام ضروريآهي..هن چيو ته ڪراچي کان لاهور تائين موٽر وي تعمير ڪيو پيو وڃي، پر حيدرآباد کان سکر تائين هاءِ جي حالت خراب آهي، ان جي به مرمت ڪئي وڃي.. قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪيٽي بندر تائين رسد لاءِ روڊن جي حالت کي به بهتر بڻايو وڃي..هن چيو ته چين گوادر بندرگاهه ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي، جنهن تي کين ڪو به اعتراض نه آهي، پر چين کي ڪيٽي بندر تي به ڌيان ڏيڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *