چين جو صدر زي جن پنگ اڄ سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچندو

اسلام آباد (بيورو) چين جو صدر پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ اسلام آباد پهچندو، زي جن پِنگ جو چوڻ آهي ته پاڪ – چين دوستي مضبوط وڻ جيان بڻجي چـُڪي آهي. پاڪستان آمد تي چيني صدر جي شاندار آجيان ڪئي ويندي جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. وفاقي گادي واري شهر جي شاهراهن کي ڪنوار جيان سجايو ويو آهي، جڏهن ته زي جن پنگ کي ايوان صدر ۾ خاص تقريب دوران پاڪستان جو سڀ کان وڏي سول اعزاز نشان پاڪستان سان نوازيو ويندو. چيني صدر جو هــِي هڪ هلندڙ سال جو پهريون پرڏيهي دورو هوندو، ساڻس گڏ خاتون اول، وزير، ڪميونسٽ پارٽي جا اڳواڻ، اعليٰ سرڪاري عملدار ۽ سيڙپڪار ڪمپنين جا سربراهه به هوندا. چيني صدر زي جن پِنگ جي مان ۾ صدر ممنون حسين مانجهاندو ڏيندو جتي ٻنهي سربراهن وچ ۾ ملاقات ٿيندي. ان کان پوءِ چيني صدر وزيراعظم نواز شريف سان باضابطا ملاقات ڪندو جڏهن ته زي جن پِنگ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي به خطاب ڪندو. چيني صدر زي جن پِنگ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ايئرچيف مارشل سهيل امان ۽ نيول چيف ايڊمرل ذڪاءُ الله سان به ملاقاتون ڪندو. چيني صدر جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي، مواصلات، بنيادي ڍانچي سميت مختلف شعبن ۾ اربين ڊالرز جي 47 معاهدن تي صحيحين جو امڪان آهي. چيني صدر زي جن پنگ جو چوڻ آهي ته پاڪ چين دوستي مضبوط وڻ جيان بڻجي چـُڪي آهي. هڪ بيان ۾ چيني صدر چيو ته هـُو جواني ۾ پاڪ چين دوستي جون ڪهاڻيون ٻـُڌندو هو. زي جن پنگ جو چوڻ آهي ته چيني عوام پاڪستان کي وفادار دوست سمجهي ٿو، گڏيل قومن ۾ پاڪستان چين جي حقن جي حمايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *