ڄامشورو انڊس هاءِ وي تي ٻن ڪارن ۾ ٽڪر، ۴ ڄڻا فوت، ۵ زخمي

رتو ديرو/ڄامشورو(نمائندن وٽان) ٿرمل پاور هائوس ويجهو خان پيٽرول پمپ وٽ ٻن ڪارن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ۴ ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ٻن عورتن سميت ۵ ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڄامشورو انڊس هاءِ وي تي ٿرمل پاور هائوس ڀرسان خان پيٽرول پمپ وٽ تيز رفتار ٻن ڪارن وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر انور لولائي، امداد سناڻي، عبدالحئي سناڻي ۽ اقبال پنهور فوت ٿي ويا، جڏهن ته ارشاد بيگم زال غلام مرتضيٰ مستوئي، شبانا مستوئي، نويد مستوئي، حبدار مستوئي ۽ محمد خان مستوئي زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو نيو ويو آهي، جڏهن ته ڄامشورو پوليس ٻنهي گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *