ڀارت کي سرپرائز، پاڪ هوائي فوج انڊيا جا 2 جنگي جهاز تباهه ڪري ڇڏيا، 2 پائليٽ گرفتار

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني هوائي فوج جي جنگي جهازن ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيندي ٻه جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻن پائليٽ کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس ۽ پاڪ فوج جي ترجمان ڀارت کي جواب ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارتي جهازن اڄ صبح ڪنٽرول لائن جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن تي پاڪ هوائي فوج  جوابي ڪارروائي ڪندي ٻن ڀارتي جنگي جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ٻنهي ڀارتي جهازن کي پاڪستاني هوائي حدن ۾ نشانو بڻايو ويو، هڪ ڀارتي جهاز آزاد ڪشمير ۽ ٻيو والاريل ڪشمير جي حدن ۾ ڪريو.  پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ٻڌايو ته زمين تي موجود اهلڪارن ٻن ڀارتي پائليٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻه علائقي ۾ ئي موجود آهن.  ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني جنگي جهازن ڄمون ڪشمير جي ضلعي راجوڙي ۾ نوشهرا سيڪٽر ويجهو ٻه ڀارتي جنگي جهاز تباهه ڪيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ جنگي جهازن ۾ سوار ٻه پائيلٽ مارجي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا طرفان پاڪستاني جهازن تي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي جو الزام مڙهيو پيو وڃي. پاڪستان جي جوابي ڪارروائي بعد، سرينگر، ڄمون ۽ لها هوائي اڏن تي ايمرجنسي لاڳو ڪندي سويلين ايئر ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي عملدارن تصديق ڪئي آهي ته ٽي پاڪستاني جنگي جهاز والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيا. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان وٽ جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو رستو نه هو. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪ هوائي فوج ڀارت جي 6 هدفن کي نشانو بڻايو ڇاڪاڻ ته پاڪستاني هٿياربند فوج وٽ جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هو . ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت اڳرائي کانپوءِ فيصلو ڪيو هو ته فوجي هدف کي نشانو نه بڻائينداسين ۽ نه ئي ڪو جاني نقصان ٿيڻ گهرجي، پاڪ هوائي فوج پنهنجي حدن ۾ رهندي 6 هدفن جي چونڊ ڪري انهن کي نشانو بڻايو، اسان سڀ ڪجهه ڪري سگهون ٿا پر خطي ۾ امن جي قيمت تي نٿا ڪرڻ چاهيون ۽ جنگ ڏانهن نٿا وڃڻ چاهيون. آصف غفور ٻڌايو ته پاڪ هوائي فوج ڀارت جي ٻن جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو، ڀارت ۾ هڪ ٻئي جهاز جي ڪرڻ جا اطلاع آهن پر ان سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي، پاڪستان سڀ صلاحيتون رکڻ باوجود امن جو پيغام ڏئي ٿو، جنگ پاليسي جي ناڪامي آهي، جنگ شروع ڪرڻ آسان آهي، پر ڪنهن به اها خبر ناهي هوندي ته اها ختم ڪيئن ٿيندي. جنگ ۾ ڪنهن جي ناڪامي ۽ ڪاميابي ناهي ٿيندي، انسانيت هارائيندي آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ڀارتي ميڊيا جي پاڪستاني ايف 16 کي تباهه ڪرڻ جي ترديد ڪندي چيو ته اهو ڀارت جي گذريل ڏينهن واري ڪارروائي جو پلاند نه پر پنهنجي بچاءُ جي صلاحيت جو مظاهرو آهي، اسان ڇڪتاڻ کي وڌائڻ نٿا چاهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *