ڀارت کي بنا سبب طاقت جي استعمال کان روڪيو وڃي: او آءِ سي اجلاس جو پڌرنامو جاري

جده ( ويب ڊيسڪ ) اسلامي سهڪاري تنظيم ( او آءِ سي ) رابطا گروپ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ ايل او سي تي ڀارتي جنگي جهازن جي اڳرائي جي سخت مذمت ڪندي ڀارت کان بنا سبب طاقت جي استعمال کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. او آءِ سي جو اجلاس اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل او آءِ سي امب حميد جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي.  پڌرنامي موجب او آءِ سي وزيراعظم عمران خان جي ڀارت کي ڳالهين جي آڇ کي ساراهيو جڏهن ته ڪشمير جي حق خود اراديت جي ڀرپور حمايت ۽ ان بابت اصولي موقف جو اظهار ڪيو.  پڌرنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته او آءِ سي ڀارت طرفان پاڪستاني هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ۽ بم ڪيرائڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو ويو آهي ٻئي ملڪ صبر جو مظاهرو ڪن ۽ ڪنهن به اهڙي قدم کڻڻ کان پاسو ڪن جيڪو خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي. او آءِ سي ٻنهي ملڪن تي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته طاقت جي استعمال کان پاسو ڪن ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪن. پڌرنامي موجب سيڪريٽري جنرل امب حميد چيو ته والاريل ڪشمير ۾ تڪرار کي ڪشميرين جي خواهش، او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي. او آءِ سي رابطا گروپ گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪونسل کان فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته ڪشمير تي خاص نمائندا مقرر ڪري ۽ ڀارت کي بنا سبب طاقت جو استعمال ڪرڻ کان روڪي. پڌرنامي موجب اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي رپورٽ جي سفارشن جي حمايت ڪئي وڃي ۽ ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي جڏهن ته برطانوي آل پارٽي پارلياماني گروپ جي مطالبي جي به حمايت ڪئي وڃي.  او آءِ سي رابطا گروپ ڀارت کان والاريل ڪشمير ۾ قابض فوجين کي واپس گهرائڻ، ڪشميري اڳواڻن جي آزادي ۽ او آءِ سي جي فيڪٽ فائنڊنگ مشن کي پهچ ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو. پڌرنامي موجب رابطا گروپ جو چوڻ هو ته ڀارت ڪشميرين خلاف ظالماڻا سيڪيورٽي آپريشن بند ڪري ۽ تڪرار کي او آءِ سي ۽ سلامتي ڪونسل جي قراردادن موجب ڏسي.  پڌرنامي موجب ڀارتي اڳرائي خطي جي امن ۽ سيڪيورٽي خلاف خطرو آهي پر ان صورتحال ۾ امن ۽ ڳالهين کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *