ڀارت سان برابري بنياد تي معمول جا لاڳاپا چاهيون ٿا: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان برابري جي بنياد تي معمول جا لاڳاپا چاهي ٿو، خطي ۾ امن لاءِ ٻنهي ملڪن کي ڪشمير سميت سمورا معاملا ڳالهين ذريعي طئي ڪرڻ گهــُرجن. وزيراعظم نواز شريف سان پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط ملاقات ڪئي. ملاقات دوران عبدالباسط، وزيراعظم کي پاڪ – ڀارت لاڳاپن ۽ آمريڪي صدر براڪ اوباما جي ڀارتي دوري بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ملاقات دوران نواز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت پاڪستان لاءِ اهم ملڪ آهي، ان ڪري هــُو نئين دهلي سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهين ٿا. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن لاءِ ٻنهي ملڪن کي ڪشمير سميت سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهــُرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *