ڀارتي ڪرڪيٽر پنهنجي دوست سان شادي ڪري ڇڏي

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽر شريئس گوپال 24 نومبر تي پنهنجي دوست نکيتا سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو. آل رائونڊر شريئس گوپال طرفان پنهنجي شادي جو اطلاع انسٽاگرام ذريعي ڏنو ويوهُن پنهنجي گهر واري سان گڏ تصوير به شيئر ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي کي شادي جي رسمن ۾ رڌل ڏسي سگهجي ٿو. ڀارتي ميڊيا موجب شريئس ۽ نکيتا ڪافي عرصي کان هڪٻئي کي پسند ڪندا هئا ۽ هلندڙ سال جي شروعات ۾ ٻنهي مڱڻو به ڪيو هو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *