ڀارتي شهري گيتا، 13 سالن کان پوءِ ڪراچي کان پنهنجي ملڪ پهتي

ڪراچي (اين اين آءِ) ڀارتي شهري گيتا 13 سالن کان پوءِ ڪراچي مان پنهنجي ملڪ ڀارت پهتي آهي ان سان گڏ بلقيس ايڌي، صبا ايڌي ۽ حمزه ايڌي سميت 5 ماڻهو دهلي پهتا آهن. هن کان اڳ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڳاڙهو وڳو پهريل گيتا کي عام شهرين پاران تحفا ۽ گل پيش ڪيا ويا بلقيس ايڌي جو چوڻ هو ته هو گيتا جي ڪٽنب لاءِ به تحفا کڻي وڃي رهي آهي جنهن ۾ گيتا جي ماءُ لاءِ 4 ساڙهيون شامل آهن گيتا سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ فيصل ايڌي جو چوڻ هو ته هي گيتا جي ڪٽنب جي تصديق جي حوالي سان ڪجهه ابهام آهي پر ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي صورتحال واضح ٿي ويندي. هوڏانهن ڀارتي پرڌيهي وزارت به واضح ڪري چڪي آهي ته جيڪڏهن ڊي اين اي ٽيسٽ مثبت نٿو اچي ته به گيتا کي ڪنهن محفوظ هنڌ تي رهائڻ جا انتظام ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *