ٿر ۾ موت جو راڄ برقرار، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت انگ 384 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واريَ علائقي ۾ مقابلي دوران 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 ڏوهاري مارجي ويا. ڀينس ڪالوني ۾ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چئن اهلڪارن، چئن شڪي جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڏنو. روڪڻ تي هٿياربندن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي جواب ۾ اهلڪارن به ڪارروائي ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 ڏوهاري ٿڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته ٻئي اهلڪار زخمي ٿي پيا جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هــُو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ جيڪب آباد واسي سعيد بروهي ۽ سيالڪوٽ واسي اعجاز چيما شامل آهن جيڪي ســُکن ٿاڻي تي مقرر هئا. ايس ايس پي ملير رائو انوار موجب مارجي ويل جوابدارن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٻئي جوابدار قتل، ڀنگ عيوض اغوا ۽ ٻين ڏوهن ۾ گهــُربل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *