ٿر ڪول منصوبي سان ملڪ ۾ بجلي جو بحران ختم ٿيڻ سان گڏ ماڻهن جي زندگين ۾ به معاشي تبديلي اچڻ گھرجي: بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلپزارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٿر ڪول پاور منصوبو سندس امڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو ۽ اميد آهي ته سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني طرفان شروع ڪيل ٿر ڪول اينڊ پاور پروجيڪٽ 2018ع تائين عمل ۾ اچي ويندو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهيءَ منصوبي سان ملڪ ۾ بجلي جو بحران ختم ٿيڻ سان گڏوگڏ ٿر جي ماڻهن جي زندگين ۾ به معاشي تبديلي اچڻ گھرجي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين اهڙو اظهار اڄ بلاول هائوس ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽوآفيسر شمس الدين شيخ طرفان کيس بريفنگ ڏيڻ جي موقعي تي ڪيو، ان موقعي تي وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزيرن سيد مراد علي شاه، ڄام مهتاب ڏهر۽ ڄام خان شورو سميت سنيٽر تاج حيدر ۽ جميل سومرو به موجود هئا، سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۾ 51 سيڪڙو سنڌ حڪومت ۽ 49 سيڪڙو اينگرو ۽ ان جي ڀائيوارن جو شيئر آهي، سنڌ حڪومت ان جي اڳ ئي خود مختياري گارنٽي جاري ڪري ڇڏي آهي ۽ ان لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ جي منظوري سان گڏ هاڻي وفاقي حڪومت جي تائيد جو انتظار آهي، 2 بلين آمريڪي ڊالرن جي سيڙپ وارو ٿرڪول اينڊ پاور پروجيڪٽ، خانگي سيڙپ وارو پنهنجي نوعيت جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، اهو منصوبو پاڪ چائنا ايڪنامڪ ڪوريڊورتحت سڀ کان اوليتي منصوبن ۾ شامل آهي جيڪو 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، بريفنگ دوران بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌايو ويو ته 38 مهينن اندر 485 ملين ڊالرز جي لاڳت سان 3.8 ملين ٽن ساليانوواري کليل کاڻ جو مائننگ پروجيڪٽ تيار ڪيو ويندو، جڏهن ته 1.1 بلين ڊالرز جي لاڳت سان 330-330 ميگاواٽ جا ٻه يونٽ به قائم ڪيا ويندا، شمس الدين شيخ وڌيڪ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٿر ڪول منصوبي جي حوالي سان گھربل سمورا اڀياس، معاهدا، ريگيوليٽري گُھرجون، قرضن جا مامرا توڙي جامع انجنيئرنگ اڳ ئي مڪمل ٿي چڪي آهي، ٿر جي سائيٽ تي ٻئي بلاڪ جي کوٽائي تي ڪم ۾ به اڳڀرائي آهي، ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري زور ڀريو ته انهي منصوبي ۾ ٿر جي مقامي ماڻهن جي مفادن کي اوليت ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته آئون اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ سان ئي ٿر جي مقامي ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي ڏسڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته ٿر ڪول منصوبي ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ۽ بي دخل ٿيندڙ ماڻهن کي سمورين شهري سهوليتن سان بحال ڪيو وڃي، پ پ پ چيئرمين کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت اڳ ئي ري-سيٽلمينٽ پاليسي منظور ڪري چڪي آهي ۽ پهرين ڳوٺ کي 2017ع تائين مڪمل طور ري-سيٽل ڪيو ويندو۽ اهو نه صرف ٿر پر پوري پاڪستان جي رول ماڊل منصوبو هوندو ڇاڪاڻ ته ڪمپني طرفان اتي صحت ۽ تعليم سميت سموريون سهوليتون مڪمل ڪيون پيون وڃن، اينگرو ڪمپني جي عملدارن بريفنگ دوران ٿر ۾ بايو سيلائين زراعت متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان به ٻڌايو ته ان سان ٿر ۾ سڄو سال مال لاءِ چارو موجود رهندو ۽ مختلف مرڪزن تي کير جمع ڪرڻ لاءِ سج جي روشني تي هلندڙ ڪول باڪس به استعمال ڪري سگھجن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *