پ پ حڪومت هميشه عام ماڻهو سان گڏ بيٺل هوندي آهي: بلاول زرداري/مراد شاھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 18-2013 ۾ سنڌ اندر نون ڄاول ٻارن جي فوتگي جي شرح 30 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. نون ڄاول ٻارن جي فوتگي شرح ۾ 19 سيڪڙو ۽ پنجن کان گهٽ عمر وارن جي فوتگي شرح ۾ 17 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. اهو صوبائي حڪومت جي عملي ۽ نتيجن تي ٻڌل صحت پاليسين جو ثبوت آهي.  تنهنڪري اسان ويم وارن مائرن کي کين گهرن جي ويجهو صحت جون سهولتون رجسٽر ڪرڻ لاءِ مڌر اينڊ چائلڊ ڪيئر پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو قدم کڻي رهيا آهيون ۽ انهن کي هر مقرر ٿيل وزٽ شيڊول سميت اسپتال يا ميٽرنٽي هوم ۾ ڊليوري لاءِ نقد رقم ڏينداسين. اها ڳالهه اربع ڏينهن سي ايم سيڪريٽريٽ پاران وزيراعليٰ هائوس ۾ شروع ڪيل  ’سوشل پروٽيڪشن اسٽريٽجڪ يونٽ‘تحت منعقد ڪيل ’مدر اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام‘ جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. پروگرام ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن ۽ مختلف کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. بلاول ڀٽو چيو ته بلاول ڀٽو چيو ته يو ايس ايڊ ۽ يو جي ايڊ پاران 18-2013 لاءِ ڪرايل ڊيموگرافڪ اينڊ هيلٿ سروي موجب پنجاب ۾ نون ڄاول ٻارن جي فوتگي ۾ 19 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 2 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. اهڙي ريت پنجاب ۾ ٻارن جي فوتگي شرح ۾ 17 سيڪڙو، سنڌ ۾ 19 سيڪڙو ۽ ڪي پي ڪي ۾ 9 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته پنجاب ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي فوتگي شرح 19 سيڪڙو، سنڌ ۾ 17 سيڪڙو ۽ ڪي پي ڪي ۾ 9 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي. چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان عوام سان اهو واعدو نٿا ڪري سگهون ته معيشت بهتر ٿيندي پر اهو واعدو ضرور ڪريون ٿا ته جڏهن توهان مصيبت ۾ هوندا ته توهان کي ان مصيبت مان ڪڍنداسين ۽ اسان اهو ڪري پڻ ڏيکاريو آهي. هن چيو ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي منصوبن تي کيس ڪردار کي بدنام ڪيو ويو. قائد عوام وڏن زميندارن کان زمينون وٺي غريبن کي ڏنيون جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به اهڙو ڪم نه ڪيو ۽ راتو رات غريبن کي عزت سان زندگي گذارڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڏنو ويو. هن چيو ته شهيد بي بي جي دور ۾ به هڪ انقلابي منصوبو جوڙيو ويو جيڪو ليڊي هيلٿ ورڪرز منصوبو هو. ان پروگرام تي ملڪ توڙي ٻاهران تنقيد ڪئي وئي پر شهيد بي بي ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام شروع ڪيو. وسيلا نه رکندڙ عورتن کي به بنيادي نيٽ ورڪ فراهم ڪيو ويو. تنقيد کانپوءِ بنگلاديش، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ پروگرام شروع ڪيو ويو. هن چيو ته اهو هڪ ڪامياب منصوبو هو. سنڌ مان غربت جي خاتمي وارو پروگرام ۾ مثبت فرق ڏيڻ ۾ اچي رهيو آهي. غربت جي خاتمي واري پروگرام سان 30 ملين خاندانن کي فائدو پهچي رهيو آهي. سنڌ حڪومت جو غربت جي خاتمي وارو پروگرام ذريعي بناسود قرض ڏنا پيا وڃن. انهن بهادر عورتن کي آئون سلام پيش ڪريان ٿو. اهي عورتون ان پئسن مان ننڍو ڪاروبار شروع ڪن ٿيون. قرض جي واپسي جي شرح 99 سيڪڙو آهي ۽ اهي ئي اسان جا ڪامياب پروگرام آهن اهوئي سبب آهي جو اسان حڪومت ۾ آهيون. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄوڪي تقريب انتهائي اهم آهي. سوشل پروٽيڪشن يونٽ جي حوالي سان اسان جا ڪهڙا مقصد آهن؟ ان بابت ٻڌايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اڄ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ان پروگرام جو باضابطا افتتاح ڪيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي، فلاحي پروگرام بابت هڪ تاريخ تاريخ رکندي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ ٻيا پروگرام ان جا مثال آهن ۽ اهو اسان جي چونڊ منشور جو حصو پڻ آهن. هن چيو ته جڏهن صوبي جي عوام اسان کي ٻيهر چونڊيو ته اسان پنهنجي منشور تي ٻيهر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اسان کي اهو ڪرڻو به هو. 2019ع ۽ 2020ع ۾ صوبي اندر ٻوڏ ۽ ڪورونا جي صورتحال سان مسئلا پيدا ٿيا. جيڪڏهن ڪو زلزلو يا ٻوڏ اچي ٿي ته اسان وٽ صحيح ڊيٽا نه آهي. هن چيو ته اسان ان تي ڪم شروع ڪيو ۽ سوشل رجسٽري ڪرائي. مردن کي ته رجسٽرڊ ڪيو ويندو هو پر عورتن لاءِ اهو ڏکيو ڪم هو اسان ان کي ممڪن بڻايو. هن چيو ته حمل کان وٺي ٻار جي ڄمڻ تائين اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ٻار کي ڪهڙي قسم جي خوراڪ ۽ دوائن جي ضرورت پوندي آهي. پيٽ وارين عورتن لاءِ کاڌو، فوڊ سپليمينٽ ممڪن بڻايو ويندو. ٽن سالن تائين اسان پيٽ وارين عورتن جو خيال رکنداسين. ٻارن جي واڌ ويجهه کي صحيح نموني بڻايو ويندو ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته پروگرام شروعاتي طور تي ٻن ضلعن ۽ ايندڙ ٻن سالن تائين سڄي صوبي ۾ شروع ڪيو ويندو. ان کان علاوه ٻيا به پروگرام آهن جن تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون انشاءَ الله ان پروگرام کي ملڪ جي ٻين حصن تائين پهچائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي، بنا زمين وارن هارين سميت مختلف پروگرامن تي ڪم جاري آهي. اسان جو چونڊ منشور سڄي ملڪ لاءِ هو. بدقسمتي سان اسان سڄي ملڪ جي خدمت لاءِ نه اچي سگهياسين. هن چيو ته وفاق پنهنجي هر غلطي جو الزام اسان مڙهيندو آهي. سڄي ملڪ ۾ مهانگائي آهي ۽ هنن سنڌ صوبي کي نشانو بڻايو آهي. اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي رعايت ڏيڻ جي ڳالهه ڪندا آهن پر عوام جي حالت خراب ٿيندي پئي وڃي. وزيراعظم جي پروگرام تي تنقيد ڪندي هن چيو ته پروگرام ۾ رجسٽريشن لاءِ سمارٽ فون هجڻ ضروري آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته پهرين غريب ماڻهو سمارٽ فون ڪٿان آڻيندو؟ لڳي ٿو ته پهريان هو سمارٽ فونن جو وڪرو وڌائڻ چاهين ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته اٽي تي 20 رپيا رعايت ڏينداسين انهيءَ تي مسئلا سامهون ايندا ته پوءِ هن پروگرام کي ڪيئن هلايو ويندو. هن پروگرام ۾ ڪرپشن ٿي سگهي ٿي اسان کين ڪيش پروگرام شروع ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. رجسٽر ٿيل عوام پنهنجي مرضي سان خريداري ڪري سگهندا يا وري پنهنجي ٻارن جي اسڪول فيس ادا ڪري سگهندا. بينظير ڀٽو پروگرام ان جو بهترين مثال آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اهي نالن کي بدلائي ڇڏين تڏهن به عوام جي دلين مان بينظير ڀٽو جي محبت کي ختم نٿا ڪري سگهندا. گذريل ڏينهن الزام هنيو ويو هو ته سنڌ مان 16 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ چوري ڪئي وئي. هن چيو ته اسان ايترو ذخيرو به نه ڪيو آهي. 16 لک ته ڇا 16 ڪلو به چوري نه ٿي آهي. پرائيوٽ ملاقاتن ۾ کين ماڻهو ڇا ٿا چون ان جو حوالو نه ڏيندس. هن چيو ته اهو اسلام آباد ۾ غلط طريقي سان  چونڊجي ويٺو آهي. وفاق ۾ اچڻ وارن لاءِ بهتر آهي ته عوام جو هر حال ۾ خيال ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت واحد حڪومت آهي جنهن گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار رپيا ڪئي. اسان کي خبر نه هئي ته هو ملڪ جي اهڙي حالت ڪندا، اسان کي پنهنجي قيادت پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته غريبن جو خيال رکيو وڃي. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار نه رهندي پر اها وڌندي. وفاقي حڪومت کي به ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير تقريب ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو شڪريو ادا ڪيو. پروگرام جا تفصيل: سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هيءَ پائلٽ پروجيڪٽ پهرين مرحلي ۾ ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو آهي. پروگرام ٻين ضلعن ۾ به شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته هي منصوبو صحت جي عالمي اداري جي اصولن تحت شروع ڪيو پيو وڃي، اهي سهولتون ماءُ ۽ ٻار لاءِ هونديون. هن چيو ته حمل دوران ماءُ جي مفت چيڪ اپ سان گڏ هڪ هزار رپيا وظيفو پڻ ڏنو ويندو. هي پروگرام ٻارن جي ترقي ۽ ماءُ جي صحت لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ ٻارن جو قد نه وڌڻ (Stunting) واري شرح 38 سيڪڙو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هڪ لک مائرن مان 189 مائرون جنم وٺندڙ وقت مري وڃن ٿيون. هن چيو ته انهن مسئلن جي حل لاءِ مائرن ۽ ٻارن لاءِ سپورٽ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي. ويم جي شروع وارن ڏينهن کان وٺي ٻارن جي واڌ ويجهه تائين مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ماءُ جي هر چيڪ اپ لاءِ کين 1000 رپيا وظيفو ڏنو ويندو. هن چيو ته هي پروگرام ٻار جي پيدائش کان پهرين چيڪ اپ، ڄمڻ، ٻار جي واڌويجهه ۽ ٻار جي ويڪسينيشن تائين جاري رهندو. هي پروگرام ننڍپڻ جي واڌويجهه کان وٺي 2 سالن جي عمر تائين هلندو. پيٽ وارين عورتن کي تُرت صحت مرڪزن ڏانهن وڃڻ گهرجي. ماءُ جي رجسٽريشن لاءِ MIS سسٽم ايپليڪيشن متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن ذريعي پيٽ وارين عورتن جو مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ رڪارڊ رکيو ويندو. هن چيو ته هن ايپليڪيشن ذريعي پيٽ وارين عورتن کي جاز ڪيش ذريعي هر هڪ وزٽ تي 1000 رپيا ڏنا ويندا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *