پ پ آئيني ترميم جي مخالفت ڪري ذوالفقار ڀٽو جو روح رنجايو آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال   چيو آهي ته ڪو به آمر اچي يا سپريم ڪورٽ جو فيصلو نوازشريف کان کٽڻ وارو ناهي، ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط نه ٿيندي ته دفاع به مضبوط نه ٿيندو. چور دروازي جو قانون سياسي پارٽين کي قيادت کان الڳ نه ٿو ڪري سگھجي. ڪنوينش سينٽر اسلام آباد ۾ مسلم ليگ نون جي مرڪزي جنرل ڪونسل کي خطاب ڪندي گھرو وزير احسن اقبال چيو ته نوازشريف پوري قوم توهان سان گڏ آهي چاهي ڪوئي به آمر اچي يا سپريم ڪورٽ جو فيصلو توهان کان رشتو نه ٽٽندو. پاڪستان جي ويهه ڪروڙ عوام کي هن ملڪ جي فيصلي ڪرڻ جو حق آهي.  گھرو وزير چيو ته ڊو مور چوڻ وارن کي پيغام ڏيان ٿو ته بس گھڻو ٿي چڪو هاڻِي نو مور نو مور . جنهن قانون جي ڀٽو منظوري ڏني هئي اسان انهيءَ کي ٻيهر منظور ڪيو، ايوب خان سياسي پارٽين کي گھٽو ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي پر ڀٽو جي حڪومت ايوب خان جي ان ڪاري قانون کي ختم ڪيو. جڏهن ته پرويز مشرف ٻيهر ساڳو ئي ڪارو قانون آندو ۽ نيب جي قانون کي به انتقامي ڪاروائي لاءِ استعمال ڪيو ويو، گھرو وزير چيو ته پيپلز پارٽي ذوالفقار علي ڀٽو جي قانون جي مخالفت ڪري پنهنجي قائد جي سياسي روح کي تڙپائي رهي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي محافظ آهي جنهن جي ذريعي پاڪستان جي سياست کي زير ۽ زبر ڪرڻ جو ڪوششون ملڪ جي حق ۾ ناهن ۽ اهي آئين ۽ انصاف جي خلاف به آهن. هن چيو  ته جيڪڏه ن ڪائي پارٽي يا شخص پنهنجي خواهشن جي لاءِ سپريم ڪورٽ کي سياسي پارٽيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته اهو پاڪستان جو دشمن آهي. هن چيو  ته ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن عوام سان ڪيل واعدن کي پورو  ڪيون ته جيئن قيادت کي ٻيهر عوام وٽ سرخرو ڪري موڪليون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *