پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن:پارلياماني اڳواڻن جي وزيراعظم کي صلاح

اسلام آباد (بيورو) پارلياماني اڳواڻن، ڌرڻو ختم ڪرڻ تي طاهرالقادري کي ڀليڪار ڪندي وزيراعظم ميان نواز شريف کي مشورو ڏنو آهي ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن جون استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن. وزيراعظم ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، فاروق ستار، اعجاز الحق، احسن اقبال، خواجا سعد رفيق، آفتاب شيرپائو، محمود خان اچڪزئي ۽ ٻين پارلياماني اڳواڻن شرڪت ڪئي. پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ طاهرالقادري کي ڌرڻو ختم ڪرڻ تي ڀليڪار ڪيو ويو. اجلاس دوران پارلياماني اڳواڻن وزيراعظم ميان نواز شريف کي مشورو ڏنو ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن جون استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن. پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ جاويد هاشمي جي حمايت نه ڪرڻ تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان تي ڇتي تنقيد پڻ ڪئي وئي. اجلاسدوران اهو به فيصلو ڪيو ويو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري صلاح مشوري کانپوءِ ڪئي ويندي، اجلاس ۾ وزيراعظم محمد نوازشريف پاڪستان کي خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بنائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي ڪردار جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورين سياسي مسئلن کي پارليامينٽ جي فورم تي بحث هيٺ آڻي حل ڪيو وڃي حڪومت اپوزيشن جماعتن جي شموليت سان مشاورتي عمل جي ذريعي گڊ گورننس يقيني بنائڻ لاءِ ڪوشان آهي ملڪ جي معيشت بهتر ۽ غريبن کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، نوازشريف چيو ته پاڪستان خطي جي سمورن ملڪن سان ڀائراڻا لاڳاپا چاهي ٿو هن چيو ته اسان جو هٿياربند فوجون اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي خلاف بهادري سان وڙهي رهيون آهن .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *