پي آءِ اي پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني بڻجي وئي،پارليامينٽ منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن کي پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني بڻائڻ وارو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدرت هيٺ ٿيندڙ گڏيل اجلاس دوران قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد پي آءِ ئي کي پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني بڻائڻ جو بل ايوان ۾ پيش ڪيو،جنهن کي سڀني ميمبرن گڏيل طور تي مظور ڪري ورتو.ان کان پهرين پارليامنيٽ ۾ اميگريشن آرڊيننس بل 2016ع به منظور ڪيو ويو،جنهن کي سينيٽر غوث محمد خان پيش ڪيو،جڏهن ته سول سرونٽس بل 2016ع کي به اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.جيڪو پيپلز پارٽي جي سينيٽر سعيد غني پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *