پيٽرول 9 رپيا 43 پئسا سستو ٿي ويو، وزير اعظم پاران تيل اگهن ۾ رڪارڊ گهٽتائي جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي تسلسل لاءِ هر حڪومت کي پنهنجي 5 سالا آئيني مدت پوري ڪرڻ گهرجي، ڌرڻن باوجود پيٽروليم جي قيمتن ۾ مثالي گهٽتائي ڪئي آهي، معيشت جي بهتري سان بيروزگاري ختم ٿيندي، معاشي استحڪام ڏانهن گامزن هئاسين احتجاجي سياست سان خلل آيو، چيني صدر سميت ڪافي غير ملڪي وفدن جا دورا ڌرڻن سبب منسوخ ٿيا، ڌرڻي وارن پنهنجو سوچو قوم جو نه، خدا کين هدايت ڏئي، چونڊن ۾ ڪا ڌانڌلي ناهي ٿي اهو ته الزام ئي بي بنياد آهي، هڪ ڀيرو وري هر سطح تي معاملي جي جاچ جي آڇ ڪريان ٿو، وزيراعظم پاڻي ۽ بجلي وزارت طرفان بجلي جي وڌيڪ بلن متعلق پيش ڪيل آڊٽ رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي هڪ هفتي ۾ تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وڌيڪ بلن جو معاملو سنجيدهه نوعيت جو آهي، جيڪڏهنعوام تي بوج وڌو آهي ته ازالو به ٿيڻ گهرجي، عوام جي مفادن جو تحفظ حڪومت جي ذميداري آهي جنهن کي هر صورت پورو ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته بجلي جي وڌيڪ بلن سان حڪومت جو اميج متاثر ٿيو، بجلي جا وڌيڪ بل موڪليندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، جنهن تي پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير کيس ٻڌايو ته اوور بلنگ جي معاملي ۾ سمورا معاملا سامهون رکي رهيا آهيون. وزيراعظم وزارت کي واڌو بلن جي واپسي لاءِ موثر فارمولو تيار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته بجلي جي وڌيڪ بلن جي حوالي سان تمام شڪايتون ختم ڪيون وڃن. وزيراعظم ڪابينا کي پنهنجي خطاب ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو ته پيٽرول قيمت ۾ گهٽتائي سان ٽڪيٽ سستي، ٽرانسپورٽ جو ڪرايو گهٽ ٿيندو، پيٽرول جي قيمت ۾ لاٿ جو اثر هر ڪنهن وٽ پهچڻ گهرجي، صوبائي حڪومتون ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ گهٽتائي آڻن. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڌرڻن باوجود پيٽرول، تيل جي قيمتن ۾ مثالي گهٽتائي آڻي رهيا آهيون. معيشت جي بهتري سان بيروزگاري ختم ٿيندي، معاشي استحڪام سان ڊيم، موٽرويز سميت پوري ملڪ ۾ ترقياتي منصوبا شروع ٿيندا. هن چيو ته معاشي استحڪام ڏانهن هلي رهيا هئاسين احتجاجي سياست سان خلل آيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته ڌرڻن سان ٿيل نقصان جي تلافي ڪري رهيا آهيون، حڪومتي پاليسين سبب ڊالر جو ملهه 3 1 رپيا گهٽيو، بجلي جو بحران ختم ٿيڻ ۾ دير جا ذميدار ڌرڻي وارا هوندا. وزيراعظم پيٽرول جي قيمت 3 0 1 رپيا 2 6 پئسن مان گهٽائي 4 9 رپيا 9 1 پئسا، ڊيزل جي قيمت 7 0 1 رپيا 9 2 پئسن مان گهٽائي 1 0 1 رپيا 1 2 پئسا ڪرڻ جو اعلان به ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڊيزل جي قيمت گهٽجڻ سان آبادگارن کي سڌو سنئون فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته هاءِ اوڪٽين 1 3 1 رپيا 3 1 پئسن مان گهٽجي 6 1 1 رپيا 5 4 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي، گاسليٽ 5 9 رپيا 8 6 پئسن مان گهٽجي 7 8 رپيا 2 5 پئسن جو ٿي ويو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورا وڏا وزير تيل جون قيمتون گهٽجڻ سان ٽرانسپورٽ ڪرايا گهٽرائن. وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ ڪا ڌانڌلي ناهي ٿي، ان موضوع تي ڳالهائڻ ئي بي بنياد آهي، اسان هر سطح تي معاملي جي جاچ لاءِ تيار آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *