پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پارٽي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي: عابد شير علي جي پيءُ چوڌري شير علي الزام

لاهور (بيورو) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پارٽي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، پارٽي معاملن تي نظرثاني نه ڪئي وئي ته عابد شير علي کان استعيفيٰ ڏياريندي ويندي: نواز ليگ اڳواڻ ۽ مملڪتي وزير عابد شير علي جي پيءُ چوڌري شير علي الزام هنيو آهي ته راڻا ثناءُ الله 20 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث آهي، جلد ثبوت پيش ڪندس. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چوڌري شير علي قيادت تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته شهباز شريف پارٽي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، پارٽي معاملن تي نظرثاني نه ڪئي وئي ته هو پنهنجي پٽ عابد شير علي کان استعيفيٰ ڏياريندو. فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري شير علي چيو ته مڪاني چونڊن لاءِ غلط ماڻهن کي اختيار ڏئي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پارٽي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، هاڻي اهو زمانو ناهي رهيو، جڏهن تنڀن کي ٽڪيٽ ملندي هئي ۽ اهي کٽي ويندا هئا. هن چيو ته لاهور ۾ اربين ۽ کربين رپين جو ڪم ڪرايو ويو پر وزيراعظم نواز شريف جي سالي جو پٽ اليڪشن هارائي ويو ۽ اين اي 122 تي اياز صادق رڳو 22 سئو ووٽ سان ڪامياب ٿيو، اهو پنجاب جي وڏي وزير لاءِ شرمناڪ آهي. چوڌري شير علي چيو ته اِهو سمجهه کان ٻاهر آهي ته شهباز شريف مسلم ليگين کي اڳتي وٺي وڃي رهيو آهي يا پوئتي، اها ئي صورتحال سڄي ملڪ خاص طور تي فيصل آباد ۾ آهي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته فيصل آباد ۾ صرف قانون ٽوڙيندڙ قانون وارو وزير راڻاءُ ثناءُ الله ئي مسلم ليگ نون ۾ رهجي ويندو. ن ليگ اڳواڻ چيو ته قانون ٽوڙيندڙ شخص کي قانون واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو، جنهن فيصل آباد ۾ 20 گهرن کي اجاڙي ڇڏيو آهي، راڻا ثناءُ الله کان ذليل نه  ڪرائي وڃي، جيڪڏهن استعيفيٰ گهرجي ته عابد شير علي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. چوڌري شير علي چيو ته شهباز شريف کي جيڪڏهن شيخ اعجاز ۽ الياس انصاري جهڙي ايم پي ايز سان پارٽي هلائڻي آهي ته هو استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهن. ن ليگ اڳواڻ ۽ عابد شير علي جي پيءُ وڌيڪ چيو ته شهباز شريف کي 30 سال پ پ ۽ 10 سال قاف ليگ ۾ رهندڙ الياس انصاري کان علاوه ٻيو ڪو اڳواڻ نظر نٿو اچي، جنهن کي مڪاني چونڊن لاءِ ٽڪيٽ ڏني وڃي. چوڌري شير علي چيو ته شهباز شريف نااهل ماڻهن کي مڪاني چونڊن لاءِ ٽڪيٽ ڏئي پارٽي سان زيادتي ڪئي آهي، پارٽي معاملن تي نظرثاني نه ڪئي وئي ته هو پنهنجي پٽ عابد شير علي کان استعيفيٰ ڏياريندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *