پشاور ۾ سرڪاري ملازمن جي بس ۾ ڌماڪو، 15ڄڻا مارجي ويا، 40 کان وڌيڪ زخمي

پشاور(م.ڊ) پشاور ۾ سرڪاري ملازمن جي بس ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15ڄًڻا مارجي ويا ۽ عورتن توڙي ٻارڙن سوڌو 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، ميڊيا ۽ ريسڪيو ذريعن مطابق ڪي پي ڪي جي گادي واري شهر پشاور جي سنهري رود ويجهو سيڪريٽريٽ ملازمن کي کڻي ويندڙ سرڪاري بس ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هر پاسي تباهي پکڙجي وئي، ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو ان جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، اها بس مختلف علائقن مان سرڪاري ملازمن کي ڊيوٽين تي کڻي وڃي رهي هئي، رپورٽن مطابق ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا ۽ 40 زخمي ٿي پيا، جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، ڌماڪي سبب ڀرپاسي جي ڪيترين ئي عمارتن جا شيشا پڻ ٽٽي پيا، سيڪيورٽي فورسز ڌماڪي واري هنڌ پهچي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون، اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته ڌماڪي سبب بس پوري ريت تباهه ٿي وئي ۽ لاش توڙي زخمي اندر ڦاسي پيا، جنهن کانپوءِ بس جي باڊي کي ڪٽي انهن کي باهر ڪڍيو ويو، امدادي ڪاررواين دوران مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي ٿلين کي ليڊي ريڊنگ، حيات آباد ميڊيڪل سينٽر ۽ ٻين اسپتالن ڏانهن نيو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمين کي طبي امداد ڏني وئي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *