پرامن احتجاج لاءِ سپريم ڪورٽ رولنگ ڏئي، نه ته اسان تياري سان وينداسين: عمران خان

پشاور (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو اهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ احتجاج جي حوالي سان سپريم ڪورٽ تحفظ نه ڏنو ته اسان ٻي حڪمت عملي جوڙينداسين ۽ حڪومت جي رڪاوٽن جي خلاف رٿابندي ڪري وينداسين ملڪ کي بچائڻ لاءِ وڪيل برادري جو خاص ڪردار آهي. وڪيل ڪنوينشن کي خطاب  ندي عمران خان چيو ته هن ملڪ کي بچائڻ لاءِ وڪيل برادري جو اهم ڪردار آهي. اوهان ان کي جهاد سمجهڻو آهي ڇو ته هي هن قوم جي حقيقي آزادي جي جنگ آهي بيروني سازش جي ڪري جيڪو وقت هنملو تي اچي ويو آهي جيڪڏهن اسان ان کي منهن نه ڏنو ته اسان جا ايندڙ نسل به اسان کي معاف نه ڪندا هن چيو ته اسان ماضي ۾ ڏٺو ته جيئن ئي فوج جمهوري حڪومت کي هٽائي اقتدار سنڀاليندي هئي ته ماڻهو مٺايون ورهائيندا هئا جشن ملهائيندا هئا ڇو ته جمهوري حڪومتن جا ماڻهو جمهوريت لاءِ گهربل اخلاقيات وڃائي ويهندا هئا مال ٺاهڻ شروع ٿي ويندو هو پاڪستان ۾ سڀ حڪومتون ڪرپشن تي ويون آهن هن چيو ته هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو پاڪستان ۾ هڪ جمهوري حڪومت کي هٽايو ويو ته ڪرپشن تي نه هٽايو ويو اسان جي حڪومت ۾ گذريل ٻن سالن ۾ اسان جي جهڙي قسم جي معاشي ڪارڪردگي رهي ان قسم جا ٻه سال اسان جي ملڪ ۾ تمام گهٽ رهيا آهن اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪرونا جهڙي وبا صدي ۾ هڪ ڀيرو ايندي آهي جڏهن ته ان دوران به اسان جي معيشت بهتر رهي. پاڪستان انهن پنجن ملڪن ۾ شامل هو جيڪو ان وبا کي سڀ کان بهتر طريقي سان منهن ڏنو ۽ ان بحران ۾ به سڀ کان وڌيڪ روزگار پاڪستان ۾ هو ته  ان وقت وڃي سازش تحت حڪومت ڪيرائي وئي. هن چيو ته هن ملڪ جي تاريخ ۾ اڌ وقت فوجي آمرن وٽ اقتدار رهيو آهي ۽ باقي وقت انهن ٻن خاندانن وٽ رهيو 62 سالن مان اسان جا رڳو ساڍا 3 سال هئا ان عرصي ۾ سازش ڪندڙن لا3 مسئلو اهو هو ته مان انهن کي چيو هو ته اسان دستي سڀني سان ڪنداسين اسان امن ۾ اوهان سان گڏ هونداسين جڏهن ته جنگ ۾ ڪڏهن به اوهان جو ساٿ نه ڏينداسين پي ٽي آئي چيئرمين چيو ته آمريڪا نائين اليون واقعي کان پوءِ پرويز مشرف کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اوهان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جو ساٿ نٿه ڏنو ته اسان اوهان کي پٿرن جي دور ۾ پهچائي ڇڏينداسين جڏهنت ه مون کي افسوس سانچوڻو پوي ٿو ته ان وقت ملڪ جي سربراهه ۾ ايتري جرئت نه هئي جو هو آمريڪا کي چئي سگهي ها ته مان ڇو اوهان جي جنگ ۾ شامل ٿيان منهنجي ذميواري ته منهنجي قوم آهي ان جي برعڪس مان چيو ته اسان ڪنهن سان خراب لاڳاپا نٿا چاهيون جڏهن ته اسان ڪنهن جي غلامي به نٿا چاهيون هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جا 80 هزار ماڻهو مري ويا. 100 ارب ڊآلر کان وڌيڪ نقصان ٿيو قبائلي علائقو تباهه ٿي ويو. پي ٽي آئي چير.ئمين چيو ته مان ڊي چوڪ ۾ انلاءِ نه بيٺس ڇو ته انج ي شيلنگ ۽ بربريتجي ڪري ماڻهن ۾ڪاوڙ هئي تنهنڪري مون کي ڊپ هو ته هي معاملو هاڻي انتشار طرف ويندو اتي ماڻهو مري وڃن ها جنهن سان پولس جي خلاف وڌيڪ نفرت پيدا ٿي وڃي ها ته انلاءِ مان رڪجي ويس ڇو ته اڳتي وڌڻ جي صورت ۾ منهنجي ملڪ ۾ تباهي ٿيندي هن چيوت ه مان سپريم ڪورٽ کي چئي رهيوآهيان ته اسان رولنگ ڏي ته اسان کي ڪهڙي بنياد تي روڪيو ويو ۽ اسانکي ٻڌائي ته جڏهن اسان ٻيهر اينداسين ته ڇا سپريم ڪورٽ اهڙي قسم جي غير جمهوري رويي جي اجازت ڏيندي. هن چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اسان کي تحفظ ڏي ٿي ته اها اسان جي هڪ حڪمت عملي هوندي جيڪڏهن هو اسان کي تحفظ نٿي ڏي ته منهنجي ٻي حڪمت عملي هوندي ۽ اها حڪمت عملي اها هوندي ته هي جيڪي به رنڊڪون وجهندا اسان رٿابندي ڪري وينداسين. عمران خان چيو ته هي منهنجي لاءِ جهاد آهي مان ڪڏهن به هنن چورن ۽ هن امپورتيڊ حڪومت کي قبول نه ڪندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *